Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ“ اڄ اسان انهيء باري ۾ صحابهءِ ڪرامعَلَيهمُ الرِّضْوَان ۽ ٻين بزرگن جا اهڙا واقعا ٻڌنداسين جن دِينِ اسلام جي سربلندي جي لاءِ پنهنجو وقت ڏيڻ سان گڏوگڏ پنهنجو مال به خرچ ڪيو. اڄ جي دور ۾ اسان دِيني شاگردن جي ڪهڙي طرح سان خدمت ڪري سگھون ٿا؟ هن باري ۾ ڪجھ مدني گل به ٻڌنداسين۔ سڄو بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي نيت ڪريو۔

علمِ دين جي پياسن تي مال خرچ ڪيو

          حضور نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ سفر تان واپسيءَ تي خاتونِ جنت حضرت فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي گھر تشريف وٺي آيا پر گھر جي دروازي تي هڪ پردو ۽ پنهنجي لختِ جگر جي هٿن ۾ چاندي جا ٻه ڪنگڻ ڏسي واپس موٽي ويا۔ حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنْه خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي خدمت ۾ حاضر ٿيا ته اهي روئي رهيون هيون، انهن مصطفٰي جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي موٽي وڃڻ جي خبر ڏني ته حضرت ابورافع رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رسالت ۾ حاضر ٿي واپسي جو سبب پڇيو، رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: دروازي تي موجود پردي ۽ چاندي جي ڪنگڻن جي سبب مان واپس موٽي پيس۔ (ابو داود، ڪتاب الترجل، باب ما جاء في الانتفاع بالعاج،۴/ ۱۱۸، حديث :۴۲۱۳، بتغير)

            حضرت ابو رافع رَضِىَ اللهُ عَنْه خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها کي هن ڳالھ جي خبر ڏني ته انهن پردو ڦاڙي ڇڏيو ۽ ڪنگڻ حضرت بلالرَضِىَ اللهُ عَنْه جي هٿان بارگاھ رسالت ۾ موڪلي ڇڏيا ۽ عرض ڪيو: مان هي ڪنگڻ صَدَقو ڪيان ٿي، اوهان جتي مناسب سمجھو اتي خرچ ڪري ڇڏيو۔ غريبن جي والي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه کي ارشاد فرمايو: انهن کي وڪڻي اهلِ صُفّه تي خرچ ڪري ڇڏ۔ پوءِ حصرت بلال رَضِىَ اللهُ عَنْه اهي ٻئي ڪنگڻ اڍائي درهمن ۾ وڪڻي اصحابِ صفه تي صدقو ڪري ڇڏيو۔ ان کان پوءِ پيارا مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي نياڻيءَ جي گھر تشريف وٺي آيا ۽ ارشاد فرمايائون: توهان تي منهنجا ماءُ پيءُ فدا (مان فدا منهنجا ماءُ پيءُ فدا انتهائي محبت وعظمت ظاهر ڪرڻ جي لاءِ چيا ويندا