Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

تائين جاري ۽ ساري رهندو۔ سوچيو وڃي ته اهو سڄو فيضان حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو آهي ۽ هن سڄي ثواب جا حق دار اهي به آهن ان ڪري جو انهن حضرت امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي علمِ دين جي روشني سان منور به فرمايو ۽ انهن تي پنهنجو مال به خرچ ڪيو۔

اعلي حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو ديني شاگردن تي خرچ  ڪرڻ جو انداز

        پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اعلي حضرت، امام اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي عادت مبارڪه به هئي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه علمِ دين حاصل ڪرڻ وارن شاگردن تي خوب خرچ ڪري خوش ٿيندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه شاگردن تي گھڻا شفيق ۽ ڪريم هئا، خوشين جي موقعن تي، عيد جي ڏينهن ۾، انهن جي لاءِ نوان نوان ڪپڙا سڀرائيندا هئا ۽ قسم قسم جا کاڌا پچرائي کارائيندا هئا۔ عرب شاگردن جي لاءِ عربي کاڌو، روسي شاگردن جي لاءِ روسي کاڌو، بنگالي شاگردن جي لاءِ بنگالي کاڌو الغرض جن شاگردن کي جيڪو کاڌو وڻندو هو انهن کي اهو پچرائي کارائيندا هئا ۽ کارائي خُوش ٿيندا هئا۔ (سوانح اعلي حضرت،ص۱۴۶ملخصا)

        اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوت اسلامي به جامعات المدينه جي شاگردن جي لاءِ کاڌي جو بهترين اهتمام ڪندي آهي بلڪ شاگردن جي هر طرح جي سهوليات جو خيال رکيو ويندو آهي، تنهنڪري هن نيڪ ڪم ۾ به دعوت اسلامي سان ڀرپور تعاون فرمايو۔

اسان کي ڪٿي خرچ ڪرڻ گھرجي؟

اي عاشقانِ رسول! هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ نصيحت جا ڪيئي مدني گل به آهن ۽ ڪيتري پياري انداز سان اسان جي رهنمائي به ڪئي پئي وڃي ته اسان پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ ڪهڙي انداز سان خرچ ڪريون ته جيئن ثواب به ملي ۽ اُمّتِ مُسلمه جي خير خواهي به ٿئي۔

          ڪنهن جي عالمِ دِين بڻجڻ ، حافظِ قرآن بڻجڻ ۾ جيڪڏهن اسان جو مالي