Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

حصّو به شامل ٿي وڃي ته ان جا کوڙ سارا فائدا به آهن ۽ گھڻي دير تائين رهڻ وارا به آهن۔ بلڪ جيڪڏهن ان کي ثوابِ جاريه چيو وڃي ته به دُرست ٿيندو۔ غور ڪريو! بالفرض اسان جي ڏنل مال مان هڪ عالمِ دين بڻجي ويو ته ان جي عالم بڻجڻ جو ثواب اسان کي ملندو، اهي تيار ٿيڻ وارا عالم جنهن جنهن کي علمِ دِين سيکاريندا، پڙھائيندا، ان جو ثواب به اسان کي ملندو، جيڪو انهن کي ٻڌي عمل ڪندو، ان جو ثواب به اسان کي ملندو۔ اهو اڳتي جنهن جنهن کي ٻڌائيندو ان جو ثواب به اسان کي ملندو، اَلغَرَض! الله چاهيو ته پوءِ اسان جي لاءِ ثواب جو نه رڪڻ وارو سلسلو شروع ٿيندو۔

          معلوم ٿيو ته دين جي لاءِ عالم سڳورن تي خرچ ڪرڻ جو ثواب به تمام گھڻو آهي ۽ ان جا فائدا به کوڙ آهن۔ انهن فائدن جي پيشِ نظر بعض بزرگن بابت اچي ٿو ته اهي ڪاروبار ڪري حاصل ٿيڻ واري نفعي مان ڪجھ رقم صرف عالم سڳورن تي خرچ ڪندا هئا، ان جا فائدا ۽ ثمرات عام ماڻهن تي خرچ ڪرڻ کان ڪيئي ڀيرا وڌيڪ آهن۔

امام اعظم جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

           خود حضرت سيدنا امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو اهو ئي معمول هو ته پنهنجي مال مان وڏو حصو عالم سڳورن جي خدمت ۾ پيش ڪندا هئا۔ جيئن قيس بن ربيع جو بيان آهي ته امامِ اعظم ابو حنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بغداد کان کوڙ سارو مال خريد ڪري ڪوفي ۾ آڻي ان کي مارڪيٽ ۾ وڪڻندا هئا، ان مان جيڪو منافعو ٿيندو هو ته پاڻ پنهنجي مشائخن جي لاءِ ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن کي پهچائيندا هئا پوءِ محدث سڳورن جي لاءِ انهن جي ضرورت وارو سامان خريد ڪري انهن جي گھر پهچائيندا هئا، انهن جي لاءِ کائڻ پيئڻ جون شيون، لباس سبرائي موڪليندا هئا ۽ جيڪا رقم باقي بچي ويندي هئي ته پاڻ عالم سڳورن کي نقد ڏيندا هئا ته جيئن اهي پنهنجون ضرورتون پوريون ڪن، گڏوگڏ اهو پيغام موڪليندا هئا ته مون پنهنجي طرفان ڪجھ ناهي