Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

ته هو پنهنجي اولاد خاص ڪري ڇوڪرين جي ديني اعتبار سان تربيت ڪن۔ ته جيئن اهي شادي کان پهريان ۽ شادي کان بعد به نيڪ سيرت عورت بڻجي پنهنجي ٻارن جي ديني اعتبار سان تربيت ڪن۔ ڇوته عورت کان ئي هڪ چڱو گھراڻو ۽ خاندان بڻجندو آهي۔ پوءِ انهن جي پنهنجي ٻارن جي سٺي تربيت ڪرڻ سان هڪ بهترين ۽ نيڪ معاشرو بڻجندو آهي۔ ان ڪري اسان کي گھرجي ته اسان پنهنجي ڀيڻ ڌيءُ جي تربيت دين جي مطابق ڪريون۔ اهو به معلوم ٿيو ته جتي والدين جي سعادت مندي اها آهي ته اهي نياڻيءَ جي چڱي تربيت ڪن اتي نياڻيءَ جي سعادت مندي اها آهي ته اها والدين جي جائز خوشين جو لحاظ رکي۔ انهن جي خدمت ڪري، انهن جي مزاج کان واقف ٿئي، پوڙهائپ ۾ خاص ڪري انهن جي سٺي طرح خدمت ڪري۔ پنهنجي خوشين تي والدين جي جائز خوشين کي ترجيح ڏئي۔ مطلب ته انهن جي خدمت ۾ ڪا ڪمي نه ڪري۔ جيئن خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها سعادت مند ڌيءُ هيون۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها جي سعادت مندي جي ڪري ئي اسان تي ڪرم ٿيو جو رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاتونِ جنت کي هڪ تسبيح عطا فرمائي جنهن کي تسبيحِ فاطمه چيو ويندو آهي۔

تسبيحِ فاطمه

امير المؤمنين مولا مشڪل ڪشا حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ڪجھ قيدي آندا ويا ته مون حضرتِ فاطمه کي چيو ته تون پنهنجي بابا سائين، حضور رحمتِ عالم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿي ڪو غلام وٺي اچ ته جيئن اهو ڪم ڪار ۾ تنهنجو هٿ ونڊائي سگھي۔ پوءِ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها شام جي وقت حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿيون ته رسول اڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پڇا ڪئي: ڌيءُ ڇا ڳالھ آهي؟ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها صرف ايترو عرض ڪيو ته سلام جي لاءِ حاضر ٿي آهيان۔ حياء جي سبب وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيون۔ جڏهن گھر موٽيون ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم پڇا ڪئي: ڇا ٿيو؟ چيائين: مان حياءُ جي ڪري وڌيڪ ڪجھ نه چئي سگھيس۔ ٻي رات وري حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم