Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

مون (بُک سبب) پنهنجي اها حالت به ڏٺي جو مديني جي تاجوَر، محبوبِ ربّ اڪبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جي مِنبر شريف ۽ اُمُّ الۡمؤمنين حضرتِ سيّدتنا عائشه صديقه رَضِیَ اللهُ عَنْهَا جي حُجري مبارڪ جي وچ ۾ بيهوش ٿي ڪِري پوندو هئس، ڪو ماڻهو اچي منهنجي ڪنڌ تي پير رکي ڇڏيندو هو.  اهو سمجھندو هو ته مون تي جُنون جي ڪيفيت طاري آهي، حالانڪ مون کي جُنون وغيره ڪجهه به نه هوندو هو اِها حالت بُک جي ڪري هوندي هئي۔ (فيضانِ سنّت ص۶۹۵،بخاري،ڪتاب الاعتصام بالڪتاب والسنة باب ذڪر النبي …الخ،۴/۵۱۵،حديث:۷۳۲۴)

دو عالم نہ کیوں ہو نثارِ صحابہ                                کہ ہے عرش منزل وقار ِ صحابہ

امیں ہیں یہ قرآن و دین ِ خدا کے                        مدارِ ہدیٰ اعتبارِ صحابہ

نمایاں ہے اسلام کے گلستاں میں                     ہر اک گل پہ رنگِ بہارِ صحابہ

صحابہ ہیں تاجِ رسالت کے لشکر                        رسولِ خدا تاجدارِ صحابہ

پس مرگ اے اعظمی ؔ یہ دعا ہے                         بنوں میں غبارِ مزارِ صحابہ

کراماتِ صحابہ، ص ۳۰

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                       صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدناابوهريرھ رَضِىَ اللهُ عَنْه جي بک جوذڪر

حضرت سيدُنا عامررَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته حضرت سيدُنا ابوهريره رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: مان اصحاب صفه مان هئس۔ هڪ ڏينهن مون روزو رکيو۔ شام جي وقت پيٽ ۾ تڪليف جو احساس ٿيو ته مان قضاء حاجت جي لاءِ هليو ويس۔ جڏهن واپس موٽيس ته صُفّه وارا پنهنجو کاڌو کائي چڪا هئا۔ قريش جا مالدار ماڻهو صُفّه وارن ڏانهن کاڌو موڪليندا هئا۔ مون پڇا ڪئي ته: اڄ کاڌو ڪنهن جي طرفان آيو هو؟ هڪ شخص ٻڌايو: اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمربن خطاب رَضِىَ اللهُ عَنْه جي طرفان۔ مان اميرالمؤمنين حضرت سيدُنا عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ ويس ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه نماز کان پوءِ تسبيحات پڙھڻ ۾ مصروف هئا۔ مان انتظار