Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

مال ديني ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ سان گڏوگڏ جيترو وڌ ۾ وڌ ٿي سگھي ته اسان کي پنهنجو وقت به پيش ڪرڻ گھرجي، فيضانِ مصطفيٰ سان مالامال ٿيڻ وارا صحابه ڪرام ۽ ٻين بزرگن سڳورن جا اهڙا سوين واقعا آهن جو جن جو مال ديني ڪمن ۾ وقف ٿيڻ سان گڏوگڏ انهن جو وقت به دين جي سربلندي جي لاءِ گذرندو هو۔ الله پاڪ انهن عظيم هستين جي دينِ اسلام جي لاءِ ڏنل قربانين جي صدقي اسان کي به اهڙو جذبو نصيب فرمائي جو اسان به پنهنجو مال الله پاڪ جي راھ ۾ پيش ڪريون ۽ پنهنجو وقت به علمِ دين سکڻ سيکارڻ ۾ گذاريون۔

ابتداءِ اسلام ۾ صحابه جون قربانيون

      اي عاشقانِ رسول! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته ابتداءِ اسلام جو دور گھڻو ئي مشڪل دَور هو۔ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کي دِين سکڻ ۽ ان تي عمل ڪرڻ ۾ اهڙين اهڙين پريشانين ۽ مشڪلاتن جو منهن ڏسڻو پيو جو جن جو تصور به ڏڪائي ڇڏي ٿو۔ بک، اڃ، بي وسي، مسافري، پنهنجن جون بي وفائيون، غيرن جون دشمنيون، گھر ٻار کان دوري، ڪيئي ڪيئي ڏينهن بک اڃ ۾ گذري ويندا هئا! مطلب ته! ڪيئي مشڪلاتون هيون، صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان هر آزمائش جو ڄمي مقابلو به ڪيو ۽ مديني جي تاجدار، سڄي ڪائنات جي مالڪ و مختار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي غلامي به نه ڇڏيائون۔ دِين سکڻ، دين جي خدمت ۽ دِين جي تبليغ ڪرڻ کي نه ڇڏيائون۔

اصحابِ صُفّه ڪير آهن؟

      اهي صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جيڪي حضور عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي خدمت ۾ صرف دِين سکڻ جي لاءِ حاضر رهندا هئا۔ انهن کي اصحابِ صُفّه چيو ويندو آهي۔ انهن جو شان ته بي مثل ۽ بي مثال آهي۔

      اصحابِ صُفّه ڪير هئا؟ هنن جي باري ۾ به ٻڌي وٺو ته مَسجِدِ نبوي شريف ۾ هڪ چبوترو هو، جتي(مختلف اَوقات ۾) اٽڪل چار پنج سؤ فقراءِ