Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

جيان هيءُ به ڪيئي اَخلاقي بُرائين ۾ مبُتلا هو۔ مثلاً فلمون ڊراما ڏسڻ، راند روند ۾ وَقت برباد، موبائل فون ۽ انٽرنيٽ ۾ وقت صرف ڪرڻ سندس محبوب مَشغَلو هو۔ هڪ ڏينهن هُن کي مدني چينل تي مدني مُذاڪرو ڏسڻ جي سَعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُلِلّٰه! مدني مذاڪري ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان اُن کي ڏاڍو سڪون مليو ۽ اڳوڻن سڀني گُناهن کان توبه ڪري ورتي ۽ فرض ۽ واجب جو عامِل بڻجڻ جي لاءِ ڪوشش ڪرڻ لڳو، چهري تي هڪ مُشت ڏاڙھي شريف سجائي ورتي، الله پاڪ جو وڌيڪ ڪرم هي ٿيو جو والِدَين خوشي سان ان کي دعوتِ اسلامي جي ڪمن جي لاءِ ’’وقفِ مدينه‘‘ڪري ڇڏيو آهي۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف            جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ اِعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار                   کہ ندامت  کے  سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                          صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

حضرت سيدنا ابو بڪرصديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دين جي لاءِ خرچ ڪرڻ

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجو مال دين جي لاءِ خرچ ڪندا هئا۔ جيڪڏهن اسان صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي سيرت جو مطالعو ڪريون ته خبر پوندي ته اهي به پنهنجو مال دين جي لاءِ قربان ڪرڻ لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا۔ ان باري ۾ اسلام جي پهرين خليفي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سيدنا ابوبڪر صديق رَضِىَ اللهُ عَنْه جو مثال اسان جي سامهون آهي۔

          حضرت سيدنا صديقِ اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي باري ۾ اچي ٿو ته پاڻ واپاري هئا، ڪپڙي جي وسيع ڪاروبار جا مالڪ هئا، جنهن ڏينهن اسلام آندائون ته سندن وٽ چاليھ هزار درهم يا دينار (يعني 40 هزار چانديءَ يا سوني جا سِڪا) هئا، اسلام آڻڻ کان پوءِ اهي سڀئي راھ خدا ۾ خرچ ڪري ڇڏيا۔ (تاريخ مدينة دمشق،۳۰/ ۶۶)

            غزوهءِ تبوڪ جي موقعي تي پنهنجي گھر جو سمورو مال اسلام ۽