Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

چانور، پتي، کير وغيره) مان جيڪو مون کان پڄي سگھيو پنهنجي طرفان پيش ڪندس يا ڪنهن کي ان جي ترغيب ڏياريندس۔

والدين جي لاءِ صدقهءِ جاريه

 اَلغَرَض! ڪنهن به طرح هن ڪارِ خير (نيڪي جي ڪم) ۾ تعاون جي ضرور ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ ان اخراجات ۾ پنهنجي مرحوم والد يا والده يا ٻنهي جي ايصالِ ثواب جي به نيت ڪري سگھجي ٿي، ماءُ پيءُ جي حياتي ۾ به ته نيڪ اولاد انهن جي خدمت جي لاءِ خرچ ڪندي ئي آهي، اي ڪاش! جو اسان ماءُ پيءُ جي دنيا مان وڃڻ کان پوءِ به نيڪي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ خرچ ڪري اُنهن کي اِيصالِ ثواب ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون۔ اهو صدقهءِ جاريه به ٿيندو ۽ الله چاهيو ته دِين جي تقويت جو سبب به ٿيندو۔ هتي اها ڳالھ به ذهن نشين فرمايو ته اسان هجون يا نه هجون دين جو نظام قيامت تائين هلندو رهندو، اِنْ شَآءَ الله، اها اسان جي لاءِ سعادت جي ڳالھ آهي ته هن ۾ اسان جو ڪيترو حصو شامل ٿئي ٿو۔ يا اسان ٻين سان رابطو ڪري پنهنجي اعمال نامي ۾ ڪيتريون نيڪيون لکرائي سگھون ٿا۔ الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين

اسلامڪ اِي بُڪ لائبريري

 اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي آئي ٽي ڊيپارٽمنٽ  ڪاوشن مان هڪ موبائل ايپلي ڪيشن جاري ڪئي آهي:”Islamic EbookLibrary(اسلامڪ اي بُڪ لائبريري).آهي۔ هن ايپلي ڪيشن جي ذريعي مڪتبة المدينه  طرفان شايع ٿيڻوارا ڪتاب مفت ڊائون لوڊ ڪري سگهجن ٿا، اها ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪيو، پاڻ به فائدو وٺو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                        صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت،