Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

طور تي شامل ٿي نيڪي جي دعوت جون ڌومون مچائڻ جي ڪوشش ڪن ٿيون۔ اَللّٰھُمّ زِدْ فَزِدْ ثُمَّ زِد۔ يعني اي الله وڌاءِ اڃان وڌاءِ ۽ وري وڌاءِ۔ (فيضانِ سُنّت صفحه۵۸۹،ملتقطاً)

عالم نه بڻجي سگھيؤ  ته ٻين کي بڻايو

          ياد رکو! هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته عالم بڻجڻ جون وڏيون فضيلتون آهن، هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته حافظ بڻجڻ جو وڏيون فضيلتون آهن، يقيناً هتي اسان مان ڪيئي اهڙا هوندا جن جي دل ۾ اها خواهش هوندي ته ڪاش اسان عالم بڻجون ها، ڪيئي اهڙا هوندا جيڪي حافظ بڻجڻ چاهيندا هوندا۔ اسان جيڪڏهن عالِم نه به بڻجي سگھياسين ته هاڻي اها سعادت اسان کي ملي سگھي ٿي ته اسان پنهنجي مال جي ذريعي مدد ڪري ڪنهن کي عالم بڻائي ڇڏيون۔ همت ڪريو ۽ دعوتِ اسلامي جي جامعات المدينه ۽ مدارس المدينه جي جمله اخراجات جي لاءِ ڀرپور تعاون ڪريو۔

خود ڪفالت

          *  مثال طور الله پاڪ وُسعت ڏني آهي ته جامعة المدينه يا مدرسة المدينه بڻائي دعوتِ اسلامي کي ڏئي ڇڏيو۔ *  جيڪڏهن اهو نه ٿي سگھي ته ڪنهن جامعة المدينه يا مدرسة المدينه جو ماهوار خرچ پنهنجي ذمي وٺو۔ *  يا ڪنهن يوٽيلٽي بلز (مثال طور بجلي، گيس وغيره) جي ادائيگي پنهنجي ذِمي وٺو *  يا مدني عملي (استادن ۽ قاري صاحبان وغيره) جي پگھار (Salary) پنهنجي ذِمي تي وٺو *  جيڪڏهن اوهان سبزين جو ڪاروبار ڪريو ٿا ته پنهنجي قريبي ڪنهن جامعة المدينه يا رهائشي مدرسة المدينه جي سبزي وغيره پنهنجي ذِمي وٺو۔ *  ڪڻڪ يا اٽي جي پيشڪش ڪريو۔ *  پنهنجي ٻني مان ڪڻڪ جو هڪ حصو مخصوص ڪري وٺو ته اهو الله پاڪ جي رِضا ۽ ثواب جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي جامعة المدينه يا مدرسة المدينه جي لاءِ پيش ڪندس۔ *  يا اهو به ٿي سگھي ٿو ته ڪنهن جامعة المدينه يا رهائشي مدرسة المدينه جي راشن مثال طور (گيھ،