Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

نه بڻجي، انهن جو ڇڏيل مال دين جي لاءِ وقف هوندو آهي۔ (مرآة المناجيح،۱/۱۹۹)

        سُبْحٰنَ الله! اي عاشقانِ رسول! اوهان ٻڌو ته نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو مال دين جي لاءِ وقف هو، خاص ڪري ديني طالب علمن تي خرچ ڪرڻ ته پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ عادت هئي ۽ پنهنجي نياڻيءَ سيده فاطمه رَضِىَ اللهُ عَنْها جي لاءِ به اهو ئي پسند فرمائيندا هئا ته اهي به پنهنجو مال دين جي راھ ۾ خرچ ڪن۔

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم”مدني مذاڪرو “

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پياري آقا مديني واري مصطفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سيرت تي عمل ڪندي اسان کي به پنهنجو مال ديني شاگردن تي خرچ ڪرڻ گھرجي ۽ مال سان گڏوگڏ پنهنجو وقت به دين جي ڪمن ۾ صرف ڪرڻ گھرجي، ان جو هڪ طريقو اهو آهي ته ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ حصو ورتو وڃي۔ انهن ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم ”هفته وار مدني مذاڪرو“ به آهي۔ هن ديني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ جيئن، *  مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي۔ *  مَدَني مذاڪري سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ *  مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به ٿيندي آهي۔ *  اَلْحَمْدُلِلّٰه! ڪيئي اسلامي ڀائر مَدَني مُذاڪري جي بَرَڪت سان پنهنجي گُناهن ڀري زِندگي کان توبه ڪري چڪا آهن۔ اچو! نِيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي ”مَدَني مُذاڪرو“ ڏسڻ کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مَدَني مذاڪرو ڏسڻ جي دعوت ڏيندا رهنداسين اِنْ شَآءَ الله۔

اچو! تَرغيب لاءِ  هڪ مدني  بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نيت ڪريون ٿا، جيئن ته

مدني مذاڪري جي برڪت

واهه ڪينٽ(پنجاب پاڪستان) جو اسلامي ڀاءُ معاشري جي ٻين نوجوانن