Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

لحاظ سان خوشحال ٿي ويس۔

مان مسلسل حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي درس ۾ ايندو رهيس، علمي استفادو ڪندو رهيس ۽ هڪ وقت آيو جو حضرت امامِ اعظم ابوحنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي هڪ طرف دنياوي مال سان خوشحال ڪري ڇڏيو ۽ ٻئي پاسي علم و فضل ۾ ممتاز بڻائي ڇڏيو، مون تي علم جا دروازا کلي ويا۔ (مناقب امام اعظم ،جز ثاني ،ص۲۱۱)

پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان سمجھي رهيا هوندا ته ڪي ٻه چار مهينن تائين حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه قاضي امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ڪفالت ڪئي هوندي، ائين ناهي، ٻه ٽي سال ته ڇا بلڪ امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ڏھ (10) سال تائين منهنجو ۽ منهنجي گھروارن جو خرچ برداشت ڪيو۔ (مناقب امام اعظم ،جز اول ،ص۲۵۹ ملخصا)

امامِ اعظم کي ملڻ واريون برڪتون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ درس ئي درس آهي۔ حضرت امام قاضي ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ تمام وڏا عالم، مجتهد، مفتي ۽ قاضيءِ اسلام بڻيا۔ بلڪ سندن جي فيضِ نظر ۽ پُراثر تعليم سان ڪيئي وڏا وڏا عالم ۽ مفتي ۽ مجتهد پيدا ٿيا۔ سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته حضرت قاضي امام ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اهو رتبو ۽ مقام ان ڪري مليو جو حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه انهن جي ڪفالت به ڪئي ۽ انهن کي پڙھايو به۔ پوءِ حضرت قاضي امام ابو يوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه بعد ۾ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام محمد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام شافعي جا استاد آهن۔ حضرت امام شافعي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي پڙھايو۔ حضرت امام احمد بن حنبل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي تعليم ڏني۔ حضرت امام بخاري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اڳتي ڪيئي شاگرد پيدا ڪيا ۽ اهڙي طرح پوءِ اڳتي اهو سلسلو وڌندو ويو ۽ اڄ تائين جاري ۽ ساري آهي ۽ اِنْ شَآءَ الله قيامت