Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

خاتونِ جنت، حضرت فاطمة الزّهراء رَضِىَ اللهُ عَنْها کي نبي ڪريمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ گھر جي ڪم ڪار ۾ سهولت جي لاءِ هڪ غلام گھرڻ لاءِ موڪليو پر پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْها هن ڀيري به حياءُ جي سبب سوال نه ڪري سگھيون۔ (حضرت علي المرتضٰيکرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم وڌيڪ فرمائن ٿا ته) جڏهن ٽئين شام آئي ته اسان ٻئي حضور نبي اَڪرم، نُورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر ٿياسين پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اچڻ جو سبب پڇيو ته حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: مون عرض ڪيو: يا رسول الله! اسان کي ڪم ۾ دشواري ٿيندي آهي تنهنڪري اسان چاهيو ته اوهان کان ڪو غلام گھرون۔ حضور نبي اَڪرم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: ڇا مان توهان کي اهڙو ڪم نه ٻڌايان جيڪو توهان جي لاءِ ڳاڙهن اٺن کان بهتر آهي؟ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم عرض ڪيو: جي ها! يا رسولَ الله! پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: صبح شام 33 ڀيرا سُبْحَانَ الله، 33 ڀيرا اَلحَمْدُلله ۽ 34 ڀيرا اَلله اَڪبَر چئو، صبح ۽ شام هزار نيڪيون ملنديون۔ حضرت علي المرتضيٰ کرَّمَ الله وَجْهَهُ الْکرِيۡم فرمائن ٿا: هن کان پوءِ مون انهن تسبيحات کي پنهنجي معمول ۾ شامل ڪري ورتو وري ڪڏهن هن عمل کي نه ڇڏيو، ايستائين جو صفين جي جنگ واري رات ۾ ان کي پڙهڻ وسري ويو هو پوءِ مون کي آخر ياد اچي ويو ته مون پڙھي ورتو۔ (سنن ڪبري للنسائي،ڪتاب عمل اليوم والليلة،باب ثواب ذلڪ،۶/۲۰۴،حديث: ۱۰۶۵۲)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان ٻڌو ته حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاتونِ جنت رَضِىَ اللهُ عَنْها جي طرفان ڏنل ڪنگڻ اصحابِ صُفّه تي خرچ ڪري ڇڏيا، الله جي پياري رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پنهنجي هن مبارڪ عمل سان اسان کي اهو درس ڏنو ته ديني طالبِ علمن تي پنهنجو مال خرچ ڪرڻ گھرجي۔ آقا عَلَيه السَّلَام چاهين ها ته ان مال کي ڪنهن ٻي نيڪ ڪم ۾ خرچ ڪرڻ جو حڪم به ڏئي سگھيا ٿي پر پاڻ عَلَيه السَّلَام اصحابِ صُفه جيڪي دين جو علم سکڻ جي لاءِ هر وقت تيار رهندا هئا، انهن تي خرچ ڪرڻ جو حڪم ڏنو۔ هن مان خبر پئي ته اسان کي پنهنجو مال انهن ڪمن ۾ خرچ ڪرڻ گھرجي جن سان دين کي گھڻو فائدو ٿئي۔ پنهنجو