Book Name:Deeni Talib-e-'Ilm Par Kharch Kijiye

آهيان، جڏهن ته امير ماڻهن جو کاڌو سڻڀيون غذائون هونديون آهن، اسان سڪل ماني کائي گذارو ڪريون ٿا، اسان گھڻا مفلس آهيون، اهي ڳالھيون چئي منهنجي والدِ محترم مون کي امام ابوحنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي درس ۾ وڃڻ کان روڪي ڇڏيو، هوڏانهن امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي غير حاضر ڏٺو ته منهنجي سڃاڻپ وارن کان پڇيو ته يعقوب ڇو نه پيو اچي؟ انهن ٻڌايو ته ان کي ته ان جي والد روڪي رکيو آهي۔ امام قاضي ابويوسف رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هوڏانهن منهنجي ڪيفيت اها هئي جو مان حضرت امام اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي درس ۾ حاضر ٿيڻ جي لاءِ بيتاب رهندو هئس۔

          آخرڪار مان هڪ ڏينهن سندن درس ۾ وڃي پهتس، پاڻ وڏي شفقت سان غير حاضري جو سبب پڇيو ته مون پنهنجي غربت ۽ والد جي حڪم تي نه اچڻ جو ٻڌايو، ان ڏينهن ته مان سندن مجلس ۾ حديث سڳوريون ٻڌندو رهيس پر جڏهن مان گھر وڃڻ لڳس ته امام ابوحنيفه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه مون کي ويهڻ جو اشارو ڪيائون، جڏهن سمورا ماڻهو هليا ويا ته پاڻ مون کي هڪ ڳوٿري ڏني جيڪا درهمن سان ڀريل هئي، فرمايائون: هن مان گذارو ڪيو، پوءِ الله مالڪ آهي، مون ان کي کوليو ته هڪ سو (100) درهم هئا۔ پاڻ وڃڻ مهل حڪم ڏنائون ته منهنجي درس جي حلقي ۾ ايندا ڪيو، اهي درهم ختم ٿي ويا ته ٻيهر بندوبست ڪنداسين، ان ڏينهن کان پوءِ مان باقاعدگي سان درس جي حلقي ۾ اچڻ لڳس۔

ڪجھ ڏينهن کان پوءِ پاڻ مون کي هڪ ٻي ڳوٿري ڏني، اهڙي طرح پاڻ وقت بوقت منهنجي مدد ڪندا رهيا ۽ ڪنهن کي خبر نه پئي، هڪ خاص ڳالھ اها ته حضرت امامِ اعظم رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه رقم ته ڏيندا رهيا پر ڪڏهن مون کان اهو نه پڇيائون ته ڪهڙي طرح ۽ ڪٿي خرچ ڪريو ٿا؟ ۽ پاڻ ئي محسوس ڪري وٺندا هئا ته روپيا ختم ٿيڻ وارا آهن، ان سان گڏ ئي پاڻ ٻي رقم ڏيندا هئا۔ مان پڙھندو به رهيس ۽ منهنجو گھر به هلندو رهيو۔ پوءِ هڪ وقت آيو جو مان مالي