Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

اسان جتي رهون ٿا، اتي جي عاشقانِ رسول جي مسجد يا ڪنهن تعليمي اِداري جي هاسٽل ۾ جيترو ممڪن ٿي سگھي، اسان کي مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت جي ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔ مدني ڪمن ۾ عملي طور تي شرڪت اسان جي تنظيمي وابستگي جي پخته هئڻ جو هڪ بهترين ذريعو آهي۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني مذاڪرو “

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ جتي گناهن کان بچڻ، نيڪين کي اپنائڻ ۽ شريعت تي عمل جي ترغيب ڏني ويندي آهي، اتي اهو ذهن به ڏنو ويندو آهي ته اسان شرعي تقاضن جي مطابق پنهنجي زندگي کي ڪيئن بهتر کان بهترين بڻائي سگھون ٿا، جنّت جي تياري ڪيئن ڪري سگھون ٿا؟ مدني قافلن ۾ عاشقانِ رسول جون صحبتون، سُنّتن ڀري اجتماعات ۾ ٿيڻ وارا بيان، درس و بيان جا مدني حلقا سڀئي انهيء سلسلي جو تسلسل آهن۔ اهڙي طرح سوچ ۽ فڪر کي نکارڻ جو هڪ بهترين طريقو اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ جي مدني مذاڪرن ۾ شرڪت به آهي۔ مختلف موقعن ۽ هر هفتي ٿيڻ وارو مَدَني مذاڪرو جتي نيڪ صحبت ماڻڻ جو ذريعو آهي، اتي دل ۽ روح جي روشني جو به سبب آهي۔ اهڙي طرح ” هفتيوارمدني مذاڪره“ ذيلي حلقي جي 12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم به آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنياوي فائدا آهن۔ مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذهن ملندو آهي ۽ علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه! هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا آهن۔ اچو! بَطورِ تَرغِيب هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نِيت ڪريو،

گناهن کان توبه ڪري ورتي!