Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
فرمانِ مُصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: ”قرآن پڙھڻ وارن کي چيو ويندو ته قرآن پڙھندو وڃ ۽ جَنّت جا دَرَجَا طئي ڪندو وڃ، ۽ آهسته آهسته پڙهڻ واري کي چيو ويندو ته تون آهسته آهسته پڙھ جيئن تون دنيا ۾ آهسته هسته پڙهندو هُئين تون جتي آخري آيت پڙھندين اهو تنهنجو ٺڪاڻو ٿيندو۔“ (ابو داود، کتاب الوتر، باب استحباب الترتیل فی القراءة ، حدیث ۱۴۶۴ ،ج۲، ص ۱۰۴)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان ته دُنيا ۾ آهسته آهسته دُرُست طريقي سان قرآنِ ڪريم پڙھڻ وارن ۽ ان جي احڪامات تي عمل ڪرڻ وارن جا ته ڀاڳ کلي پوندا۔ اهڙي شَخص کي چيو ويندو ته قُرآن پڙھندو وڃ ۽ جنّت ۾ پنهنجا بُلند رتبا وڌائيندو وڃ، ان ڪري اسان کي به وڌ کان وڌ قرآنِ ڪريم جي دُرست تلاوت ڪرڻ ۽ قرآنِ ڪريم جي احڪامن تي عمل جي ڀرپور ڪوشش ڪرڻ گھرجي۔[1]
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! راھِ جنت جي تلاش ۾ عاشقانِ رسول جو قُرب ماڻڻ، گناهن کان بچي نيڪين ۾ وقت گذارڻ جي لاءِ نيڪ ماڻهن جي صحبت اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي، ڇوته نيڪ ماڻهن جي صحبت ۾ ويهڻ سان گناهن کان نفرت ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن بڻجندو آهي۔ جيڪڏهن اسان دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ اِستقامت چاهيون ٿا ته دعوتِ اسلامي جي ذمه داران سان ملي عملي طور تي نيڪي جي دعوت کي عام ڪرڻ وارن ڪمن ۾ شامل ٿي وڃون، ان جي برڪت سان گناهن سان بچڻ جي توفيق ملندي ۽ ان سان گڏوگڏ ٻين ماڻهن تائين نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جو موقعو نصيب ٿيندو۔