Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
هونديون ۽ هر ٻانهي تي سَؤسَؤ نَاظمائون (انتظام ڪرڻ واريون) هونديون اهو ٻڌي ڪري اهو بزرگ خوشي مان جهومي پيو ۽ سوال ڪيائين ـ ڇا ڪنهن کي جنّت ۾ مون کان وڌيڪ به ملندو. جواب مليو ايترو ته هر ان عام جنتيءَ کي ملندو جيڪو صُبح ۽ شام اَسْتَغْفِرُ الله الْعَظِيم پڙهندو آهي۔
(رَوْضُ الرَّیاحِین ص۵۵،از غیبت کی تباہ کاریاں،ص۹۸)
اي جنّت جا طلبگار عاشقانِ رسول! ڏٺو اوهان ته هر اهو شَخص جيڪو صبح و شام اِستِغفَار پڙھندو ته ان کي جنّتي حُورون ملنديون۔ اهڙي طرح جنت ۾ وڃڻ ۽ اتي اَعليٰ رتبا ماڻڻ جو ذريعو بڻجڻ وارن عملن مان هڪ عمل سلام کي عام ڪرڻ ۽ کاڌو کارائڻ آهي، سلام کي عام ڪرڻ ۽ ٻين کي پاڻ وٽان ڪجھ نه ڪجھ عطا ڪندو رهڻ جي عادت بنائڻ سان جتي انسان جي وَقار ۾ اضافو ٿيندو آهي، اتي اهڙو شَخص ان خُوش نصيبن ۾ به شامل ٿي ويندو آهي، جن جي لاءِ جنّت جي خوشخبري آهي۔ جيئن فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ آهي: سَلام کي عام ڪيو ۽ کاڌو کارايو جنّت ۾ داخل ٿي ويندؤ۔“ (الاحسان بترتیب ابن حبان ،کتاب البر والاحسان ،باب افشاء السلام ،حدیث ۴۸۹،١/٣٥٦)
سُنَّتیں اپنا کے حاصل بھائیو! رَحْمتِ مَولیٰ سے جنَّت کیجئے[1]
صَلُّوا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اهڙي طرح نيڪيون وڌائڻ ۽ آخرت جو ثواب ڪمائڻ جي لاءِ تلاوتِ قرآن جي به عادت بنائڻ گھرجي، قرآنِ ڪريم جي حافظن سان گڏوگڏ قرآنِ ڪريم کي تجويد ۽ ترتيل (يعني زبر زير پيش جو لحاظ رکندي واضح لفظن ۽ آهسته ادائيگي) سان ڏسي پڙهڻ وارن، حلال کي حلال سمجھڻ (يعني قرآنِ ڪريم جي احڪامات تي عمل ڪرڻ) وارن جي لاءِ به حديثِ پاڪ ۾ جنّت جا اَعليٰ رُتبا ملڻ جي خوشخبري به آهي۔