Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

ماڻهن جي اصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي ان شاءالله پاڻ به نيڪي ڪرڻي آهي ۽ ٻين کي به نيڪ بنائڻ ۽ گناهن کان بچائي الله جي راھ ڏانهن وٺي وڃڻو آهي ۽ اهو ئي حديثِ مبارڪه جو مفهوم آهي ته جنت الفردوس ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو نيڪي جي دعوت ڏئي ۽ برائي کان منع ڪري۔ ته اچو دعوتِ اسلامي جي ماحول سان وابسته ٿي وڃو اهو اوهان کي دنيا ۾ نيڪي جي ڪمن ۾ لڳائي آخرت ۾ جنت الفردوس جو مهمان بڻائيندو۔

جنّت جي دُعا

اچو! ٻڌون ٿا ته جنّت جي دعا گھرڻ واري جي لاءِ خود جنّت ڇا دعا گھرندي آهي۔ حضرت سَيدُنا اَنَسْ بن مَالِڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا ته نبين جي سُلطان، سردارِ دو جهان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جنهن ٽي (3) ڀيرا الله پاڪ کان جَنّت جو سُوال ڪيو ته جَنّت دُعا گھرندي آهي ته ياالله هن کي جَنّت ۾ داخل ڪر ۽ جنهن شخص ٽي (3) ڀيرا دوزخ کان پناھ گھري ته دوزخ دُعا گھرندو آهي ته ياالله هن کي باھ کان پناھ ۾ رک.[1]

عَفْو کر اور سدا کے لیے راضی ہوجا                                                           گر کرم کردے تو جَنّت میں رہوں گا یاربّ

شعر جي وضاحت: اي رب ڪريم تون اسان جي گناهن کي معاف فرمائي اسان کان هميشه جي لاءِ راضي ٿي وڃ جيڪڏهن تون راضي ٿي وئين ته جنت منهنجو ٺڪاڻو ٿيندو۔

قرآن پاڪ ۾ به جنّت جي نعمتن کي بيان ڪيو ويو آهي: سيپاري 27 سُورَۃ الرَّحمٰن آيت نمبر56 کان 58 ۾ ارشاد آهي:


 

 



[1]    ترمذی، کتاب صفة الجنة،باب ماجاء فی....الٰخ،۴/۲۵۷ حدیث:۲۵۸۱