Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

شافع اممصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو فرمان معظم آهي : جيڪو شخص هي درود پاڪ پڙهي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي آهي.([1])

)1( هڪ هزار ڏينهن جون نيڪيون

جَزَی اللّٰہُ عَنَّا مُحَمَّدًا مَا ھُوَ اَھْلُہٗ

حضرتِ سَيِّدُنا ابنِ عباس رَضِى الله  عَنْهما کان رِوايت آهي ته سرڪارِ مدينهصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هي درود شريف پڙهڻ واري جي لاءَ ستر فرشتا هڪ هزار ڏينهن تائين نيڪيون لکندا آهن. ([2])

)2( ڄڻ شبِ قدر حاصل ڪري ورتي

لَآ اِلٰہَ اِلَّا اللّٰہُ الْحَلِیْمُ الْکَرِیْمُ، سُبْحٰنَ اللّٰہِ رَبِّ السَّمٰوٰتِ السَّبْعِ وَرَبِّ الْعَرْشِ الْعَظِیْم

(خداءِ حليم و ڪريم کان سواءِ ڪوئي عبادت جي لائق ناهي، الله عَزَّوَجَلَّ پاڪ آهي جيڪو ستن آسمانن ۽ عرشِ عظيم جو پروردگار آهي)

فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: جنهن هن دُعا کي ٽي ڀيرا پڙهيو ڄڻ ان شبِ قدر کي حاصل ڪري ورتو. (ابنِ عساڪر ج 19، ص 155، حديث 4455)

صَلُّوْا عَلَی الْحَبِیْب!                                                           صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد



[1]   الترغیب والترهیب، ج ۲، ص ۳۲۹، حدیث ۳۱

[2]   مجمع الزوائد،ڪتاب الادعیۃ،باب فی ڪیفیۃ الصلاۃ…الخ،10/254،حدیث:17305