Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

واه ڪينٽ (پنجاب پاڪستان) جو هڪ اسلامي ڀاءُ گھڻين اَخلاقي بُرائين ۾ مبتلا هو۔ هڪ ڏينهن ان کي گھر ۾ مدني چينل هلڻ جي برڪت سان مدني مذاڪرو ڏسڻ جي سعادت نصيب ٿي، اَلْحَمْدُ لِلّٰه! مدني مذاڪرو ڏسڻ ۽ ٻڌڻ جي برڪت سان ان کي ڪافي سڪون مليو ۽ ان پنهنجي اڳوڻن سمورن گناهن کان توبه ڪئي ۽ اهو فرائض و واجبات جو عامِل بڻجڻ جي ڪوشش ۾ لڳي ويو، چهري تي هڪ مُٺ ڏاڙھي مُبارڪه سجائي ورتي سُنّت جي مطابق مدني حُليو به اپنائي ورتو، الله پاڪ جو وڌيڪ فضل ۽ ڪرم اهو ٿيو ته ان جي والدين خوشي سان ان کي دعوتِ اسلامي جي مدني ڪمن جي لاءِ’’وقفِ مدينه‘‘ ڪري ڇڏيو۔

مدنی چینل کی مہِم ہےنفس وشیطاں کے خلاف  جو بھی دیکھے گا کریگا اِنْ شَآءَاللہ اعتراف

نفسِ  اَمَّارہ  پہ ضَرب  ایسی  لگے  گی  زور دار                      کہ ندامت  کے  سبب ہوگا گنہگار اشکبار

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

رُوحاني علاج  (Rohani ilaj) اَيپ جو تعارف

 پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْـحَمْـدُ لـِلّٰـه عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سوشل ميڊيا (Social Media) جي هن دور ۾ جديد ذريعا اپنائيندي هر شعبي بلڪ هر طبقي جي ماڻهن ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ سان گڏوگڏ مختلف انداز سان سرڪارِ مدينه جي ڏُکايل اُمّت جي خيرخواهي ۾ به مصروفِ عمل آهي۔ اَلْحَمْدلله! مجلس آئي ٽي (I.T) طرفان هڪ نهايت ئي پياري موبائل ايپلي ڪيشن (Application) بنام "رُوحاني علاج " (Rohani ilaj) جاري ڪئي وئي آهي، هن ايپلي ڪيشن ۾ مختلف موضوعن تي 40 روحاني علاج ٻڌايا ويا آهن مثلاً (*) ايمان جي حفاظت جي لاءِ ڪهڙو وظيفو ڪيو وڃي؟ (*) غُربت کان نجات ڪيئن حاصل ٿئي؟ (*) بلائن کان حفاظت ڪيئن ٿئي؟ (*) صالح اولاد جي  لاءِ ڇا پڙھيو وڃي؟ (*) پُٽاڻي اولاد جي لاءِ ڪهڙو وظيفو آهي؟ (*) دل جي