Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

بچڻو پوندو ڇوته اهي شيون انسان کي ڏکيون لڳنديون آهن جيئن گھر ۾ ويهڻ آسان ۽ راھ خدا ۾ نڪرڻ مشڪل ڪم آهي، فجر جي وقت سمهڻ آسان ۽ اُٿي مسجد ۾ باجماعت نماز ادا ڪرڻ مشڪل ڪم آهي، گناھ جا ڪم ڪرڻ آسان ۽ گناهن کان پاڻ کي بچائڻ مشڪل ڪم آهي۔ ته جنت ماڻڻ جي لاءِ اسان کي پنهنجو پاڻ کي الله پاڪ جي رضا جي ڪمن ۾ لڳائڻو پوندو تڏهن اِنْ شَــآءَالـلّٰـه جنت اسان جو ٺڪاڻو ٿيندي۔

اچو هاڻي اسان انهن عملن جي باري ۾ ڪجھ واقعا ٻڌون ٿا جيڪي واقعا بزرگانِ دين جي جنت ۾ وڃڻ جو سبب بڻيا:

1...اميرُالمومنين، خليفَةُ المُسْلِمِين حضرت سيدُنا ابوبڪرصديق رَضِي اللّٰه عَنْه کي خواب ۾ ڏسي عرض ڪيو ويو ته اوهان پنهنجي زبان جي باري ۾ هميشه فرمائيندا هئا ته هن مون کي تباهي جي جڳهن تي پهچائي ڇڏيو، فَمَا ذَا فَعَلَ اللّٰه بِک يعني پوءِ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ ارشاد فرمايائون: مان هن زبان سان ڪلمو پاڪ پڙهيو ان ڪري الله پاڪ مون کي جنت ۾ داخل فرمائي ڇڏيو۔

مدفن  ہو  عطا  میٹھے  مدینے کی  گلی  میں                                                                                            لِلّٰہپڑوسی مجھے جنت میں بنالو[1]

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حڪايت مان حاصل ٿيندڙ مدني گل

         پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! واقعي غلط هلندڙ زبان انسان کي نه صرف دنيا ۾ پريشان ڪندي آهي بلڪ آخرت ۾ به وبال جان بڻجي جهنم جو سامان بڻجي ويندي آهي ۽ جيڪڏهن انهيء زبان کي اسان ڪوڙ، غيبت، چغلي کان بچائي الله ڪريم ۽ ان جي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي ذڪر سان تر رکون ته اها اسان جي


 

 



   وسائلِ بخشش ،ص۳۰۸