Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

بدن جي نَزاڪتن، جنّت جي عظيم نعمتن کان محرومين وغيره وغيره جو خوف اسان کي بي چين ڪندو رهي ۽ اي ڪاش ! اهو خوف اسان جي لاءِ هدايت ۽ رحمت جو ذَرِيعو بڻجي وڃي جيئن ته سيپاري 9 سوره اَعراف آيت نمبر 154 ۾ ارشادِ ربُّ العِباد آهي :

هُدًى وَّ رَحْمَةٌ لِّلَّذِیْنَ هُمْ لِرَبِّهِمْ یَرْهَبُوْنَ(۱۵۴) (پ ۹، الاعراف:۱۵۴)

تَرجَمَهٔ ڪنزُالايمان:  هدايت ۽ رحمت آهي انهن جي واسطي جيڪي پنهنجي ربّ کان ڊڄندا آهن

 

خدایا بُرے خاتمے سے بچالے                         گنہگار ہے جاں بَلَب یاالٰہی

نظر میں محمد کے جلوے بسے ہوں                      چلوں اس جہاں سے میں جب یا الٰہی[1]

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

نيڪ اعمال جي ترغيب:

           پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان جنت جي باري ۾ ٻڌو ته جنت ايمان وارن، الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جي لاءِ هڪ اهڙو گھر آهي جنهن ۾ ڪا تڪليف نه آهي، ڪو ڏُک نه آهي، ڪا مصيبت ۽ آزمائش نه آهي، هڪ اهڙو گھر آهي جتي جون نعمتون عارضي نه آهن بلڪ هميشه هميشه جي لاءِ آهن، اهو سڀ ڪجھ ٻڌي ذهن بڻجندو هوندو ته اي ڪاش! مان به جنت ۾ وڃڻ وارن ۾ شامل ٿي وڃان، پوءِ ذهن ۾ سُوال ايندو هوندو ته مان جنّت جي تياري ڪيئن ڪري سگھان ٿو، الله پاڪ جي هن عظيم نعمت جنّت کي ماڻڻ جي لاءِ مون کي ڇا ڪرڻو پوندو؟ يقين ڪريو! هن پُرفتن دَور ۾ جتي هر پاسي گناهن جي گھڻائي آهي، بُري صحبتن ۽ بُرن دوستن جي بُري محفلن جي ڪري ڄڻ ته هر پاسي تباهي و بربادي جا بادل هلي رهيا آهن، شيطان لعين ايمان برباد ڪرڻ جي لاءِ


 

 



   وسائلِ بخشش مُرمّم،ص ۱۰۸بحوالہ کفریہ کلمات کے بار ے میں سوال جواب،ص۲۴تا۲۶