Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

ڪٽ ڪيئن لاهجي؟ (*) اولاد فرمانبردار بڻجي، ان جي لاءِ ڪهڙو وظيفو ڪيو وڃي؟ (*) اهو ڪهڙو وظيفو آهي جو جنهن جي برڪت سان جادُو اثر ناهي ڪندو وغيره۔ اڄ ئي پنهنجي موبائل ۾ اها ايپ (App) انسٽال ڪري اوراد و وظائف جو خوب اِهتمام ڪريو ۽ ان جون برڪتون حاصل ڪريو۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

  پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿو، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. ([1])

سینہ تِری سُنَّت کا مدینہ بنے آقا                                جنّت میں پڑوسی مُجھے تُم اپنا بنانا

 لباس پائڻ جون سنتون  ۽  آداب

    پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو باني دعوتِ اسلامي، شيخِ طريقت، اميرِاهلسنَّت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي رسالي ’’163 مدني گل ‘‘ مان لباس جا ڪجھ مدني گل ٻڌون ٿا۔ پهريان فرمانِ مصطَفٰيصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو: * جنّ جي اکين ۽ ماڻهن جي اوگھڙ وچ ۾ پردو اهو آهي جو جڏهن ڪپڙا لاهي ته بِسْمِ الله چوي. (اَلْمُعْجَمُ الْاَ وْسَط ج۲ص۵۹حدیث ۲۵۰۴) مُفسّرِ قرآن، حڪيم الاُمّت، حضرت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: يعني جيئن ديوار ۽ پردو ماڻهن جي لاءِ اوٽ (يعني آڙ) بڻجي ٿو ائين ئي الله پاڪ جو ذڪر جنّن جي نگاهن کان اوٽ بڻجندو ته جيئن جنّ ان جي شرمگاھ کي ڏسي نه سگھن. (مرآۃ المناجیح،۱/ ۲۶۸) * جيڪو شخص ڪپڙا پائي ته هي


 

 



[1]   مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵