Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

عَنْه کان مليا ۽ فرمايائون: ”جيڪڏهن توهان مون کان پهريان انتقال ڪري وڃو ته پيش ايندڙ حالتن کان مون کي آگاھ ڪجو ۽ جيڪڏهن مان پهريان فوت ٿي ويس ته توهان کي آگاھ ڪندس۔ حضرت سيدُنا سلمان فارسي رَضِىَ اللّٰه عَنْه جي وفات پهريان ٿي ته حضرت سيدُنا عبدالله بن سَلَام رَضِىَ اللّٰه عَنْه خواب ۾ انهن کي ڏسي پڇا ڪيائين: ”اي ابو عبدالله! ڪيئن آهيو؟“ جواب ڏنائين: ”خيريت سان آهيان۔“ پوءِ پڇا ڪيائين: ”اوهان ڪهڙو عمل افضل ڏٺو؟“ حضرت سيدُنا سلمان فارسي رَضِىَ اللّٰه عَنْه جن فرمايو: ”مون توڪل کي تمام عمده ڏٺو ۔[1]

حڪايت مان حاصل ٿيندڙ مدني گل

   پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! حضرت سليمان فارسي جو خواب اسان کي پنهنجي رب سان توڪل جي انتخاب جو درس ڏئي رهيو آهي ته اسان پنهنجا سمورا معاملا الله پاڪ جي حوالي ڪيون، ان جي رضا تي راضي رهون ڇوته توڪل ’’صرف الله پاڪ جي عنايت تي ڀروسو ڪرڻ ۽ جيڪو ڪجھ ماڻهن وٽ آهي ان کان مايوس ٿيڻ جو نالو آهي ۔‘‘ [2]

حضرت سيدُنا سهل رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه فرمائن ٿا: توڪل ڪرڻ واري جون ٽي نشانيون آهن، سوال ناهي ڪندو، ڪنهن شيء کي رد به ناهي ڪندو ۽ پاڻ وٽ روڪيندو ناهي۔[3]  هن کي آسان لفظن ۾ حضرت شيخ الفضيلت، خليفه اعليٰ حضرت، قُطبِ مدينه ضِياء الدِّين مدَني رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه هيئن فرمائيندا هئا: ’’طمع نه، منع نه ۽ جمع نه۔[4]

نفلن جي ڪثرت جنت ۾ وٺي وئي

3...حضرت نَصر بن علي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه جن فرمايو ته مون حضرت سيدُنا يزيد بن زُرَيع رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه کي خواب ۾ ڏسي پڇا ڪئي: ”مَافَعَلَ اللّٰه بِک يعني الله پاڪ اوهان سان


 

 



[1]   حلية الاولیاء، الرقم: ۳۴، سلمان الفارسی، الحدیث: ۶۵۵، ج۱، ص۲۶۴

[2]   الرسالة القشیرية، باب التوکل ، ص۲۰۶

[3]   الرسالۃ القشیریۃ، باب التوکل ، ص۲۰۶

[4]   سیدی قطبِ مدینہ، ص ۱۲