Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

مختصر وضاحت! اُن آقا ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ تي ڪروڙين درود هجن جيڪي هر بي سهاري جو سهارو آهن ۽ ان آقا تي لکين سلام جيڪي هر بي خبر جي خبر رکندا آهن۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                           صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيّتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ: نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِهٖ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي .

(المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)

ٻه مدني گُل:  (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.

 (2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

* سٺين سٺين نيتن سان اوّل تا آخر بيان ٻڌو۔ * پوري توجھ سان بيان ٻڌڻ جي نيت ڪريو، * ادب سان ويهڻ جي نيت ڪريو۔ * جيڪڏهن اوهان وٽ قلم (Pen/Pencil)، ڊائري آهي ته اَهمّ ڳالهيون نوٽ ڪرڻ جي به نيت ڪريو۔

صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”جنّت جي سڀ کان وڏي نعمت؟“ جنهن ۾ اسان ٻڌنداسين ته جنّت جي تياري ڪيئن ڪري سگھجي ٿي؟ جنّت جي سڀ کان وڏي نعمت ڪهڙي آهي؟ ڪجھ جنتي نعمتن جو بيان، جنت جي درجات جو تعداد، جنّت جي سڀ کان وڏي نعمت، جنت ۾ وٺي وڃڻ وارا عمل، ان کان علاوه الله پاڪ جي هن عظيم نعمت "جنّت" بابت کوڙ ساري مفيد معلومات ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ سمورو بيان مڪمل توجھ سان ٻڌڻ جي درخواست (Request) آهي۔