Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

ناراض نه ٿينديون سين. مبارڪباد ان جي لاءِ جيڪو اسان جو ۽ اسين ان جون ٿيون سين. ادنيٰ جنّتي جي لاءِ 80 هزار نوڪر ۽ 72 زالون هونديون۔  (بہارِ شریعت،حصہ۱،ص،۷۹،۸۴،بتغیر قلیل)

فرما کے شفاعت مِری اے شافعِ محشر!               دوزخ سے بچا کر مجھے جنت میں بسانا[1]

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

جنّت جون نَهرون

جنت ۾ چار درياء آهن هڪ پاڻي جو، ٻيو کير جو، ٽيون ماکي جو، چوٿون شراب جو، پوءِ انهن مان نهرون نڪري ڪري هر هڪ جي گهر ۾ وهي رهيون آهن. اتان جون نهرون زمين کوٽي نه بلڪ زمين جي مٿان جاري آهن، نهرن جــو هڪ ڪنارو موتي جو ۽ ٻيو ياقوت جو آهـي ۽ انهن نهرن جي زمين خالص مُشۡڪ جي آهي۔[2]

 جنّتين جا لباس نه پُراڻا ٿيندا نه انهن جي جواني فنا ٿيندي. جنت ۾ ننڊ ناهي ڇوته ننڊ هڪ قسم جو موت آهي ۽ جنت ۾ موت ناهي. جنّتي جڏهن جنّت ۾ ويندا هر هڪ پنهنجي عملن جي مقدار مطابق مرتبو ماڻيندو ۽ ان جي فضل جي ڪا حد ناهي. پوءِ انهن کي دنيا جي هڪ هفتي جي مقدار کان پوءِ اجازت ڏني ويندي ته پنهنجي پالڻهار جَلَّ جَلَالُه جي زيارت ڪن، عرشِ اِلٰهي ظاهر ٿيندو ۽ ربّ پاڪ جنّت جي باغن مان هڪ باغ ۾ تجلي فرمائيندو ۽ انهن جنّتين جي لاءِ منبر وڇايا ويندا، نُور جا منبر، موتي جا منبر، ياقوت جا منبر، زمرد جا منبر، سون جا منبر، چاندي جا منبر ۽ جنتين مان سڀ کان گهٽ درجي وارا مُشۡڪ ۽ ڪافور جي دڙن تي ويهندا ۽ انهن ۾ ادنيٰ ڪير به ناهي، پنهنجي گمان ۾ ڪرسي واري کي پاڻ کان وڌيڪ نه سمجهندا ۽ الله پاڪ جو ديدار ايترو ته


 

 



[1]   وسائلِ بخشش مُرمم، ص۳۵۴

[2]    الترغیب والترہیب، کتاب صفة الجنة والنار،فصل فی انهار الجنة،الحدیث۳۵/۵۷۳۴ ، ج۴ ،ص ۳۱۵