Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

جَنَّت الفردوس ڪنهن جي لاءِ آهي

حديث سڳوري ۾ پنهنجي رب ڪريم کان جنت الفردوس گھرڻ جو ارشاد فرمايو ويو ته پنهنجي رب کان گھرو ته جنت الفردوس گھرو اها سڀ کان اعليٰ جنت آهي، اچو ٻڌون ٿا ته هن جنت ۾ ڇا آهي ۽ اها ڪن ماڻهن جي لاءِ آهي.

سيپاري 16،سُوره ڪهف جي آيت نمبر107 ۾ اِرشاد آهي:

اِنَّ الَّذِیْنَ اٰمَنُوْا وَ عَمِلُوا الصّٰلِحٰتِ كَانَتْ لَهُمْ جَنّٰتُ الْفِرْدَوْسِ نُزُلًاۙ(۱۰۷) خٰلِدِیْنَ فِیْهَا لَا یَبْغُوْنَ عَنْهَا حِوَلًا(۱۰۸)

(پ۱۶،الڪھف:۱۰۷تا۱۰۸)

ترجمۂ ڪنز الايمان: بيشڪ جن ايمان آندو ۽ چڱا ڪم ڪيا فردوس جا باغ انهن جي مهماني جي واسطي آهن. اهي سدائين انهن ۾ ئي رهندا اُتان جاءِ مٽائڻ نه چاهيندا.

    تفسير صراط الجنان ۾ آهي: دنيا ۾ الله پاڪ تي ايمان آڻڻ وارن ۽ ان جي رضا جي خاطر چڱا عمل ڪرڻ وارن جي لاءِ الله پاڪ مهماني جو اِنتِظام جَنَّتُ الفِردَوس ۾ فرمايو آهي۔

(تفسیر کبیر، الکھف، تحت الآية : ۱۰۷، ۷ / ۵۰۲، روح البیان، الکهف، تحت الآية: ۱۰۷، ۵ / ۳۰۵، ملخصاً) 

حضرتِ سيدُنا ڪعبُ الاحبار رَضِىَ اللهُ عَنْه جو اِرشَاد آهي: ”جنّتُ الفردوس خاص ان شخص جي لاءِ آهي جيڪو نيڪي جو حڪم ڏئي ۽ بُرائي کان منع ڪري۔“    (تنبیه المغترین ،ص ۲۳۶) 

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! آيتِ ڪريمه ۽ حديثِ مبارڪه اسان جي رهنمائي ڪري ٿي جنهن جنت الفردوس جي سوال ڪرڻ جو حڪم پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو آهي اها نيڪ عملن جي بدلي ۾ ملندي، نيڪي جي دعوت ڏيڻ ۽ برائي کان منع ڪرڻ سبب ملندي۔

قربان وڃجي منهنجي شيخ طريقت امير اهل سنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ذات تي جن دعوتِ اسلامي کي مقصد ئي اهو ڏنو ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دنيا جي