Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

جنتِ عدن ۽ ان جون نعمتون

الله پاڪ جنتِ عدن کي پنهنجي دستِ قدرت سان پيدا فرمايو، ان جي هڪ سِرَ اڇي موتي جي ، هڪ سرخ ياقُوت جي ۽ هڪ سبز زبرجد جي آهي، مُشڪ جو گارو آهي، ان جو گاھ زعفران جو آهي، موتي جون پٿريون ۽ عنبر جي مٽي آهي۔[1] ۽ هڪ روايت جي مطابق ’’جڏهن الله پاڪ جنتِ عدن کي پيدا فرمايو ته ان ۾ اهي شيون پيدا فرمايون جن کي نه ڪنهن اک ڏٺو، نه ڪنهن ڪن ٻڌو ۽ نه ڪنهن انسان جي دل ۾ ان جو خيال آيو۔ پوءِ الله پاڪ جنتِ عدن کي فرمايو ’’مون سان ڪلام ڪر۔ ان چيو؛ ’’قَدْاَفْلَحَ الْمُؤْمِنُوْنَ‘‘ بيشڪ ايمان وارا ڪامياب ٿي ويا۔[2]

جنّت جي سڀ کان وڏي نعمت

جنّت جي نعمتن مان سڀ کان وڏي نعمت اها هوندي ته الله پاڪ جنتين کان راضي هوندو۔ ڪڏهن به ناراض نه ٿيندو۔ ۽ الله جي رضا سڀ کان وڏي آهي۔[3]

اها نعمت تمام نعمتن کان اعليٰ ۽ ربّ پاڪ  جي سڀ کان وڏي تمنا آهي۔ الله پاڪ جي رضا ۽ ربِّ ڪريم جو ديدار ڪنهن عمل جو بدلو نه ٿيندو بلڪ اهو خاص ربِّ رحيم جو تحفو هوندو۔ الله پاڪ اسان کي پنهنجي پياري حبيب صَلَّي الله عَلَيه وَسَلَّم جي صدقي ۾ هن مان حصو عطا فرمائي. آمين

تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته ”جڏهن جنتي جنت ۾ داخل ٿي ويندا ته الله پاڪ فرمائيندو؛ ”ڇا توهان ٻيو ڪجھ چاهيو ٿا جيڪو توهان کي ڏيان؟ “ ته هو عرض ڪندا؛ تو اسان جا چهرا روشن ڪيا؟ تو اسان کي جنت ۾ داخل فرمايو؟ ۽ تو اسان کي جهنم کان نجات ڏني“ پوءِ الله پاڪ پردو کڻندو ۽ جنتين کي پنهنجي رب جي طرف نظر ڪرڻ کان وڌيڪ محبوب ڪا نعمت عطا


 

 



[1]   ابن ابی دنیا،صفة الجنة، ۶ / ۳۱۹، الحدیث: ۲۰

[2]   معجم الاوسط، باب الالف، من اسمہ احمد، ۱ / ۲۱۵، الحدیث: ۷۳۸

[3]   خازن، التوبة، تحت الآیة: ۷۲، ۲ / ۲۶۱