Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

فِیْهِنَّ قٰصِرٰتُ الطَّرْفِۙ-لَمْ یَطْمِثْهُنَّ اِنْسٌ قَبْلَهُمْ وَ لَا جَآنٌّۚ(۵۶) فَبِاَیِّ اٰلَآءِ رَبِّكُمَا تُكَذِّبٰنِۚ(۵۷) كَاَنَّهُنَّ الْیَاقُوْتُ وَ الْمَرْجَانُۚ(۵۸)   ۲۷،الرحمن:۵۶تا۵۸)

ترجمۂ ڪنز الايمان: انهن پٿرڻين تي اُهي عورتون آهن جن مڙس کان سواءِ ٻي کي اک کڻي نهاريو نه آهي انهن کان اڳي انهن کي نه ڪنهن انسان هٿ لاتو نه جِنَّ پوءِ پنهنجي رب جي ڪهڙي ڪهڙي نعمت جو انڪار ڪندؤ. ڄڻ ته اهي لعل ۽ ياقوت ۽ مرجان آهن.

تفسير صراط الجنان ۾ آهي جنهن جو مفهوم ڪجھ هن طرح آهي: جنتن جي محلن ۾ جنّتي مَردن جي لاءِ اهڙيون پاڪيزه گھرواريون هونديون جيڪي پنهنجي مڙس کانسواءِ ڪنهن ٻئي ڏانهن اک کڻي به نه نهارينديون ۽ انهن مان هر هڪ پنهنجي مڙس کي چوندي: مون کي پنهنجي ربِّ ڪريم جي عزت و جلال جي قسم! جنت ۾ مون کي توهان کان وڌيڪ ڪابه شيء سٺي معلوم ناهي ٿيندي، ان خداءِ پاڪ جي حمد آهي جنهن توهان کي منهنجو مڙس بڻايو ۽ مون کي توهان جي گھرواري بڻايو۔ ۽ اهي گھرواريون حورون آهن انهن کي جنت ۾ پيدا ڪيو ويو آهي انهيء سبب انهن کي انهن جي جنتي مڙسن کان علاوه نه ڪنهن انسان ۽ نه ڪنهن جِنَّ هٿ لڳايو هوندو۔ ڪجھ مفسرن جي نزديڪ گھروارين مان مراد دنيا جون عورتون آهن، انهن کي ٻيهر ڪنواريون پيدا ڪيو ويندو ۽ ان پيدائش کان پوءِ انهن کي انهن جي مڙسن کان علاوه ڪنهن ٻي هٿ به نه لڳايو هوندو۔[1] ۽ اهي جنتي حورون صفائي ۽ رنگت ۾ لعل ۽ مرجان پٿر جيان آهن۔[2] جو جهڙي طرح اهي پنهنجي رنگ ۽ بناوٽ ۾ گھڻا خوبصورت آهن اهڙي طرح اهي به تمام گھڻيون خوبصورت هونديون۔

جنّتي حورن جي صفائي ۽ خوش رنگي

   حضرت عبدالله بن مسعود رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، تاجدارِ رسالت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو؛ جنتي عورتن جي پنين جي سفيدي ستر جوڙن جي


 

 



[1]   روح البیان ، الرحمٰن ، تحت الآية: ۵۶ ، ۹ / ۳۰۷-۳۰۸ ، خازن ، الرحمٰن ، تحت الآية : ۵۶ ، ۴ / ۲۱۴ ، ملتقطاً

[2]    مدارك، الرحمٰن ، تحت الآية: ۵۸ ، ص۱۱۹۶