Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

ڪهڙو معاملو فرمايو؟“ جواب ڏنائين:’’مون کي جنت ۾ داخل ڪيو ويو‘‘ مون عرض ڪيو:’’ڪهڙي سبب؟‘‘ فرمايائون:’’ڪثرت سان نوافل ادا ڪرڻ جي ڪري۔‘‘

حڪايت مان حاصل ٿيندڙ درس

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! فارغ وقت هرو ڀرو اجايو گذارڻ جي بدران ذڪر ودرود ۽ نوافل وغيره ۾ گذارڻ گھرجي ڇوته بعد ۾ مرڻ کان پوءِ موقعو نه ملي سگھندو۔ زندگي ۾ گهڻو وقت فارغ ملي سگھي ٿو، تنهنڪري’’ فراغت کي مصروفيت کان پهريان غنيمت سمجھو“ جي تحت ٿي سگھي ته نفلن جي ڪثرت ڪريو۔ [1]

   ڪوشش ڪريو ۽ پنهنجي صبح کان وٺي رات سمهڻ تائين جي سمورن ڪمن جي اوقات ۾ نمازِ تهجد، اشراق، چاشت ۽ اوابين جي نفلن کي به شامل ڪريو۔ اَلْحَمْدُ لِلّٰه انهن نفلن جي ادائيگي سبب آخرت ۾ ملڻ واري اجرو ثواب سان گڏوگڏ ذهني و قلبي سڪون به ميسر ايندو آهي۔ جيئن ته حبيبِ پروردگار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ارشاد فرمايو: ”جيڪو چاشت جون ٻه رڪعتون پابندي سان ادا ڪري ٿو ان جا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن توڙي جو سمنڊ جي جهڳ برابر هجن۔“ [2] ۽ تاجدارِ رسالت، صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: ”منهنجي مسجد ۾ هڪ نماز پڙهڻ ڏھ هزار نمازن جي برابر آهي ۽ مسجد حرام ۾ نماز پڙھڻ هڪ لک نمازن جي برابر آهي ۽ ميدان جهاد ۾ نماز پڙھڻ ويھ لک نمازن جي برابر آهي، ۽ ان سڀ کان وڌيڪ فضيلت واري نماز ٻانهي جون اهي ٻه رڪعتون آهن جن کي هو رات جي وچين حصي ۾ رضاءِ الهٰي جي لاءِ ادا ڪري ٿو۔“[3]

همت ڪريو ۽ هينئر کان نيت ڪريو ته مان اِنْ شَآءَ الله آئنده کان تهجد، اشراق، چاشت ۽ اوابين جا نفل به ادا ڪندس۔


 

 



[1]   152 رحمت بھری حکایات،ص۱۱۴ تا۱۱۵

[2]   ابن ماجه،کتا ب امامة الصلوة...الخ،با ب ماجاء فی صلوة الضحی ،رقم ۱۳۸۲ ،ج ۲ ،ص ۱۵۳

[3]   التر غیب والترہیب،کتاب النوافل ، الترغیب فی قیام اللیل ، رقم ۲۲، ج۱ ،ص ۲۴۳