Jannat Ki Sab Say Bari Namat

Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

فرمائن ٿا: ”خوفِ خدا“ مان مراد اهو آهي ته الله پاڪ جي خفيه تدبير، ان جي بي نيازي، ان جي ناراضگي، ان جي گِرِفت (پڪڙ)، ان جي طرفان ڏني ويندڙ عذابن، ان جي غضب ۽ ان جي نتيجي ۾ ايمان جي بربادي وغيره کان خوف زده رهڻ جو نالو ”خوفِ خدا“ آهي۔ قرآنِ ڪريم ۾ الله ربُّ الْعٰلَمِين مومنين کي ڪيئي هنڌن تي هن پاڪيزه صفت کي اختيار ڪرڻ جو حڪم ارشاد فرمايو آهي: جيئن سيپاري 5، سُوْرَه نِسَاء، آيت نمبر 131 ۾ ارشاد آهي:

وَ لَقَدْ وَصَّیْنَا الَّذِیْنَ اُوْتُوا الْكِتٰبَ مِنْ قَبْلِكُمْ وَ اِیَّاكُمْ اَنِ اتَّقُوا اللّٰهَؕ- (پ5،النساء:131 )

ترجموڪنزالايمان؛ بيشڪ اسان تاڪيد فرمائي ڇڏي آهي انهن کي جن کي توهان کان اڳ ۾ ڪتاب ڏنا ويا ۽ توهان کي به، ته الله کان ڊڄو۔

اهڙي طرح پاره 22، سوره احزاب آيت نمبر70 ۾ ارشاد آهي: ترجموڪنزالايمان؛ اي ايمان وارو! اللہ کان ڊڄو ۽ سڌي ڳالھ چئو. سيپاري 4 سوره آلِ عمران آيت نمبر 175  ۾ اِرشادِ باري تعاليٰ آهي: ترجموڪنزالايمان؛ ۽ مون کان ڊڄو جيڪڏهن ايمان وارا آهيو.

          اميرِ اهلسنت، باني دعوتِ اسلامي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه اها آيت سڳوري نقل ڪرڻ کان پوءِ ترغيب ڏيندي اِرشاد فرمائن ٿا: اي ڪاش! هن آيتِ مقدّسه جي صدقي غفلت جو پردو کـڄي وڃي ۽ امّيدِ رحمت سان اسان کي حقيقي معنيٰ ۾ خوفِ خدا به ملي وڃي، دُنيا جي فنا ٿيڻ جو حقيقي معنيٰ ۾ اِحساس ٿي وڃي، ڪاش! ڪاش !ڪاش! بُري خاتِمي جو خوف دل ۾ ويهي رهي، پنهنجي پروردگار جي ناراضگين جو هر دم خوف رهي، نَزع جي سختين، مَوت جي تلخين، پنهنجي غسلِ ميت و تڪفين و تدفين جي ڪيفيتن، قبر جي اونداهين ۽ وَحشتن، منڪر و نڪير جي سُوالن، قَبر جي عذابن، مَحشَر جي گرمين ۽ گھٻراهٽن، پُل صراط جي دَهشتن، بارگاھ الٰهي جي حاضرين، ميدانِ قِيامت ۾ ننڍي ننڍي ڳالهين جي به پُڇاڻن ۽ سڀني جي سامهون عيب (Defect) کلڻ جي رُسوائين، جهنَّم جي خوفناڪ رڙين، دوزخ جي هولناڪ سزائن ۽ پنهنجي نازن سان پليل