Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

۽ تخت هزار (1000) سالن جي مسافت تائين هوندا ۽ انهن مان الله پاڪ جي ويجهو سڀ کان معزز اهو هوندو جيڪو الله پاڪ جي وَجۡھِ ڪريم جي ديدار سان هر صبح و شام مشرف ٿيندو. جڏهن جنّتي جنّت ۾ ويندا ته الله پاڪ انهن کي فرمائيندو: اڃان ٻيو ڪجهه کپي ته توهان کي ڏيان. عرض ڪندا تو اسان جا چهرا روشن ڪيا، جنت ۾ داخل ڪيو، جهنّم کان ڇوٽڪارو ڏنو، انهيءَ وقت پردو جيڪو مخلوق تي هيو، لهي ويندو ته ديدار الٰهي کان وڌيڪ ڪابه شيءِ انهن کي نه ملي هوندي۔[1]

جَنّت میں آقا کا پڑوسی         بن جائے عطار اِلٰہی

مولیٰ از پئے قطبِ مدینہ        یااللہ میری جھولی بھر دے[2]

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اوهان جنّت جي نعمتن جو تذڪرو ٻڌو ته اسان جي رب ڪريم پنهنجي ٻانهن جي لاءِ ڪيتري قدر عظيم الشان نعمتن جو انتظام فرمايو آهي۔ الله اسان جو خاتمو ايمان تي فرمائي ۽ اسان کي انهن نعمتن مان حصو عطا فرمائي اچو جنهن جنت ۾ اهي نعمتون آهن ان جا قسم ٻڌون ٿا ته جنتون ڪيتريون آهن.

اٺ جنتن جا نالا:

حضرت عبدالله بن عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا کان هڪ روايت اها آهي ته جنتون اٺ (8) آهن ۽ انهن جا نالا هي آهن (1) دارُ الجلال۔ (2) دارُ القرار۔ (3) دارُ السّلام۔ (4) جنتِ عدن۔ (5) جنتِ ماويٰ۔ (6) جنتِ خُلد۔ (7) جنتِ الفِردَوس۔ (8) جنتِ نعيم۔[3]


 

 



[1]   بہارِ شریعت ،ص۸۲/۸۶،بتغیرقلیل

[2]    وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۲۳

[3]   روح البیان، الصف، تحت الآية : ۱۲، ۹ / ۵۰۸