Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
صاف ٿيندو جيئن سج ۽ چوڏهين رات جي چنڊ کي هر هڪ پنهنجي جڳهه تان ڏسي ٿو جو هڪ جو ڏسڻ ٻئي جي لاءِ مانع (يعني رڪاوٽ) نه آهي ۽ الله پاڪ هر هڪ تي تجلّي فرمائيندو انهن مان ڪنهن کي فرمائيندو: اي فلاڻا پٽ فلاڻي جا! توکي ياد آهي، جنهن ڏينهن تو هيئن هيئن ڪيو هو...؟ دنيا جا ڪجهه گناهه ياد ڏياريندو، ٻانهو عرض ڪندو يا رب! ڇا تو مون کي بخشي نه ڇڏيو؟ فرمائيندو: ها! منهنجي مغفرت جي وُسعت جي ئي ڪري تون هن مرتبي تائين پهتو آهين، اهي سڀ انهيءَ حالت ۾ هوندا جو ڪڪر ڇائنجي ويندو ۽ انهن تي خوشبوء وسائيندو جو ان جهڙي خوشبو انهن ماڻهن ڪڏهن به نه ڏٺي هئي ۽ الله پاڪ فرمائيندو ته وڃو ان طرف جيڪا مون توهان لاءِ عزّت تيار ڪئي آهي، جيڪو وڻيوَ سو کڻو، پوءِ ماڻهو هڪ بازار ۾ ويندا جنهن کي ملائڪ گهيريل هوندا. ان ۾ اهي شيون هونديون جو انهن جي مثل نه اکين ڏٺيون نه ڪنن ٻُڌو ۽ نه ئي دلين تي ان جو خطرو گذريو. انهن مان جيڪا شيءِ چاهيندا سا ساڻ کڻي ويندا ۽ خريد و فروخت نه ٿيندي جنّتي ان بازار ۾ هڪٻئي سان ملندا. ننڍي مرتبي وارو وڏي مرتبي واري کي ڏسندو. ان جو لباس پسند ڪندو، اڃان گفتگو ختم به نه ٿيندي ته اهو خيال ڪندو ته منهنجو لباس ان جي لباس کان بهتر آهي ۽ اهو ان ڪري آهي جو جنت ۾ ڪنهن لاءِ به غم ناهي. پوءِ اتان کان پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن واپس ايندا. انهن جون گهرواريون استقبال ڪنديون، مبارڪباد ڏئي چونديون ته اوهان واپسي تي ايترا حسين و جميل ٿي موٽيا جو اسان وٽان وڃڻ مهل ايترا حسين نه هئا. جواب ڏيندا ته پروردگار جي سامهون اسان کي ويهڻ نصيب ٿيو ته انهيءَ لاءِ اسان جي خوبصورتي جو وڌڻ اسان جي لائق هو۔
جنّتي هڪٻئي سان ملڻ چاهيندا ته هڪ جو تخت ٻي وٽ هليو ويندو ۽ هڪ روايت ۾ آهي ته انهن وٽ نهايت اعليٰ درجي جون سواريون ۽ گهوڙا آندا ويندا ۽ انهن تي سوار ٿي ڪري جتي چاهيندا، ويندا. سڀ کان گهٽ درجي وارو جيڪو جنّتي هوندو، ان جا باغات، بيبيون ۽ نعيم و خدام(نعمتون ۽ خدمتگار)