Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
نه ڪئي ويندي۔ پوءِ پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هيءَ آيت مبارڪه تلاوت فرمائي: لِلَّذِیْنَ اَحْسَنُوا الْحُسْنٰى وَ زِیَادَةٌؕ- (پ ۱۱، يونس: ۲۶) ترجمو ڪنزالايمان: چڱن جي واسطي چڱائي آهي ۽ ان کان به زياده۔[1]
اي جنت جا طلبگار عاشقانِ رسول: اسان جنّت جي نعمتن جو تذڪرو ٻڌو اٺن جنتن جا نالا ٻڌا ۽ جنّت جي سڀ کان وڏي نعمت جي باري ۾ ٻڌو۔ يقيناً اهڙي نعمتن کي ٻڌي انسان جي دل ان کي ماڻڻ ۽ ان ڏانهن جلدي وڃڻ جي خواهش ڪندي آهي۔ ۽ ڇو نه هجي جو جنّت ڏانهن جلدي ڪرڻ جو حڪم الله پاڪ اسان کي ڏنو آهي۔ سوره آلِ عمران آيت نمبر133 ۾ ارشاد آهي
وَ سَارِعُوْۤا اِلٰى مَغْفِرَةٍ مِّنْ رَّبِّكُمْ وَ جَنَّةٍ عَرْضُهَا السَّمٰوٰتُ وَ الْاَرْضُۙ-اُعِدَّتْ لِلْمُتَّقِیْنَۙ(۱۳۳) (پ۴،آل عمران:۱۳۳)
ترجمۂڪنز الايمان: ڊڪو پنهنجي پالڻهار جي بخشش ۽ انهيءَ بهشت ڏانهن جنهن جي ويڪر ۾ سڀ آسمان ۽ زمين اچي وڃن جيڪو پرهيزگارن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
تفسير صراطِ الجنان ۾ آهي ته گناهن کان توبه ڪري، الله پاڪ جي فرض کي ادا ڪري، نيڪين تي عمل پيرا ٿي ۽ تمام عملن ۾ اخلاص پيدا ڪري پنهنجي رب ڪريم جي بخشش ۽ جنّت ڏانهن جلدي ڪيو۔ جنت ۾ وڃڻو آهي ته پنهنجي گناهن کان توبه ڪرڻي پوندي، الله جي فرضن کي ادا ڪرڻو پوندو، نيڪين تي عمل ڪرڻو پوندو ۽ پنهنجي نيڪين کي خالص الله پاڪ جي لاءِ ڪرڻو پوندو ڇوته جنت کي حاصل ڪرڻ آسان نه آهي بلڪ هڪ مشڪل معاملو آهي حديث مبارڪه ۾ آهي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: جهنم کي خواهشن ذريعي ڍڪيو ويو ۽ جنت کي اڻ وڻندڙ شين سان ڍڪيو ويو آهي۔[2]
يعني جنت کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ نفس کي راحت ڏياريندڙ شين کان