Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

الله پاڪ پنهنجي فضل وڪرم سان اسان کي نعمتن ۽ راحتن وارا گھر يعني جنت ۾ جڳھ نصيب فرمائي۔ اٰمين

صَلُّوا عَلَي الْحَبيب!                                                 صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اچو! سڀ کان پهريان جنتي نعمتن جي بيان بابت ٻڌون ٿا:

گھٽ درجي وارو جنّتي

حضرتِ سَيدُ نا مُغِيره بن شُعبه رَضِىَ اللهُ عَنْه کان رِوايت آهي ته مَالڪِ جَنّت، مَحبُوب رَبُّ العِزَّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو ته حضرتِ سَيدُنَا موسيٰ ڪلِيمُ الله عَلٰى نَبِينَا وَعَلَيه الصَّلٰوۃُ وَالسَّلام جڏهن پنهنجي ربّ کان سڀ کان گهٽ درجي واري جنّتي جي باري ۾ سوال ڪيو ته ان جو مرتبو ڪيڏو وڏو هوندو؟ ته الله پاڪ فرمايو؛ اهو شخص جنّتين جي جنت ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ ايندو ته ان کي چيو ويندو ته ”جنت ۾ داخل ٿي وڃ“ هو عرض ڪندو؛ يا رب! ڪيئن داخل ٿيان؟ جڏهن ته ماڻهو پنهنجي محلن ۾ هليا ويا ۽ انهن پنهنجون منزلون ۽ رتبا ماڻي ورتا آهن. ته الله پاڪ فرمائيندو ته ڇا تون هن ڳالهه تي راضي آهين ته توکي جنت ۾ دنيا جي ڪنهن بادشاھ جيتريون نعمتون ڏنيون وڃن.؟ ته اهو عرض ڪندو، ”يا رب! مان راضي آهيان“. الله پاڪ ان کي فرمائيندو،  تنهنجي لاءِ اهو ئي آهي ۽ ان جي مثل ۽ ان جي مثل ۽ ان جي مثل، (رب رحيم جي گفتگو جاري هئي جو)  ٻانهو پنجين ڀيري چئي وٺندو اي منهنجا رب! مان راضي آهيان“. ربّ ڪريم فرمائيندو اهو سڀ تنهنجي لاءِ آهي ۽ ان کان ڏهوڻ وڌيڪ به تنهنجي لاءِ  آهي ۽ هن کان علاوه هر اها شيء جيڪا تنهنجي دل ۽ اکين کي وڻي، (هاڻي اهو شخص) عرض ڪندو اي منهنجا ربّ! مان راضي آهيان. پوءِ حضرتِ سيّدُنا موسيٰ عَلَيه السَّلام جن سڀ کان اعليٰ درجي واري جنّتي جي باري ۾ سوال ڪيو ته الله پاڪ فرمايو: هي اهي آهن جن کي مون پسند ڪري ورتو ۽ انهن جي عزّت