Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

هيٺان نظر ايندي ايستائين جو پنين جو گودو به نظر ايندو ۽ اهو ان ڪري جو الله پاڪ ارشاد فرمائي ٿو: كَاَنَّهُنَّ الْیَاقُوْتُ وَ الْمَرْجَانُۚ(۵۸) ۽ ياقوت هڪ اهڙو پٿر آهي جو جيڪڏهن ان ۾ ڌاڳو وجھي ٻاهر کان ڏسڻ چاهيو ته ڏسي سگھو ٿا۔[1]

جنّت جون حُورون ڪهڙيون هونديون؟

          صدرالشريعه، بدرالطريقه مفتي محمد امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه احاديث جي مضمونن کي بيان ڪندي بهارِ شريعت حصو 1، ۾ لکن ٿا: جيڪڏهن حُور پنهنجي هٿ جي تِري زمين ۽ آسمان جي وچ ۾ ڪڍي ته ان جي حُسن جي ڪري مخلوق فتني ۾ پئجي وڃي ۽ جيڪڏهن پنهنجو رَئو ظاهر ڪري ته ان جي خوبصورتيءَ جي آڏو سج ائين ٿي وڃي جيئن سج جي آڏو ڏيئو ۽ جنّتي سڀ هڪ دل هوندا، انهن جو پاڻ ۾ ڪو اختلاف ۽ بُغض نه هوندو انهن مان هر هڪ کي حورِعِين مان گهٽ ۾ گهٽ ٻه بيبيون (يعني گهرواريون) اهڙيون ملنديون جو کين ستر ستر وڳا پاتل هوندا پوءِ به انهن جي لباسن ۽ گوشت ٻاهران انهن جي پِنين جو مغز (گودو) ڏسڻ ۾ ايندو جيئن اڇي شيشي ۾ شراب ڳاڙهو نظر ايندو آهي. انسان پنهنجي چهري کي ان جي ڳلن ۾ آئيني کان به وڌيڪ صاف ڏسندو. مرد جڏهن ان وٽ ويندو ته ان کي هر ڀيري ڪنواري محسوس ڪندو. پر ان جي ڪري مرد ۽ عورت ڪنهن کي ڪا تڪليف نه ٿيندي. جنّت جي حُور ست سمنڊن ۾ ٿُڪ اڇلائي ته اهي ماکيءَ کان به وڌيڪ مِٺا ٿي وڃن. جڏهن ڪو ٻانهو جنّت ۾ ويندو ته ان جي سيراندي ۽ پيراندي ۾ ٻه حُورون تمام سُريلي آواز ۾ ڳائينديون پر انهن جو ڪلام شيطاني آلاتِ موسيقي نه هوندو بلڪ الله پاڪ جي حمد ۽ پاڪائي هوندي. اهي اهڙي سُريلي آواز واريون هونديون جو مخلوق اهڙو آواز ڪڏهن نه ٻُڌو هوندو ۽ اهو به ڳائينديون ته اسين هميشه رهڻ واريون آهيون ڪڏهن نه مرنديوسين، اسين چين واريون آهيون ڪڏهن به تڪليف ۾ نه پونديون سين. اسين راضي آهيون


 

 



[1]    ترمذی ، کتاب صفة الجنة والنار ، باب فی صفة نساء اهل الجنة ، ۴ / ۲۳۹ ، الحدیث: ۲۵۴۱