Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat

جنت جو  بادشاھ

حضرت يحييٰ بن ايوب جو بيان آهي ته ٻن ماڻهن جو پاڻ ۾ ڀائيچارو هو انهن هڪ ٻئي سان عهد ڪيو ته ’’انهن مان جيڪو پهريان فوت ٿيندو اهو مرڻ کان پوءِ ٻئي کي اتي جا احوال ٻڌائيندو۔‘‘ پوءِ جڏهن انهن مان هڪ جو انتقال ٿيو ته ٻي ان کي خواب ۾ ڏسي حضرت سيدُناحسن بصري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه جي باري ۾ پڇا ڪئي۔ ان چيو: اهو جنت ۾ بادشاهن جيان آهن (ان جا خادم) سندن جي نافرماني نٿا ڪن۔ پوءِ حضرت سيدُنا امام ابنِ سيرين رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه جي باري ۾ پڇيو ته ان چيو اهي جنت ۾ جتي چاهين اتي رهن ٿا ۽ ان جي نعمتن مان جيڪو وڻين اهو کائن ٿا۔ پر ٻنهي جي رُتبن ۾ گھڻو فرق آهي۔ ان کان پوءِ خواب ڏسڻ واري ٻيهر پڇيو ته ’’حضرت سيدُناحسن بصري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه کي اهو مرتبو ڪيئن حاصل ٿيو‘‘؟ جواب ڏنائين: ’’فڪرِ آخرت ۾ گهڻو خوف زده ۽ غمگين رهڻ جي ڪري۔‘‘ (1)

ڪاش فڪر آخرت ۽ خوف خدا نصيب ٿئي

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان فڪر آخرت ۾ خوف زده ۽ غمگين رهڻ جي ڪري حضرت سيدنا حسن بصري رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه کي جنت ۾ ڪهڙو عظيم مقام حاصل ٿيو۔ يقيناً خوفِ خدا تمام وڏي نعمت آهي، جيستائين اها عظيم دولت حاصل نه ٿئي گناهن کان بچڻ ۽ نيڪين سان پيار تمام مشڪل آهي۔ پر جڏهن اها عظيم دولت نصيب ٿي وڃي ته نيڪيون ڪرڻ ۽ گناهن کان بچڻ نهايت آسان ٿي ويندو آهي۔ مومن جي دل ۾ پيدا ٿيڻ واري خوفِ خدا جي شمع ان کي گناهن جي انڌيري راھ کان بچائي نيڪ عملن جي سڌي واٽ تي هلائيندي آهي۔ اها عظيم نعمت هوندي ڇا آهي؟ خوفِ خدا ڇا کي چئبو آهي؟ اچو! هن باري ۾ ٻڌون ٿا، جيئن شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علّامه مولانا ابُو بلال محمد الياس عطّار قادِري رَضَوِي ضِيائي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تاليف ”کفریہ کلمات کے بارے میں سوال جواب صفحي 26 تي