Book Name:Jannat Ki Sab Say Bari Namat
جنت ۾ وڃڻ جو سبب بڻجي سگھي ٿي۔ اها ئي زبان آهي جو جڏهن اها ٽيڙي هلندي آهي ته ڪنهن کي برو ڀلو چئي سامهون واري کي ڪاوڙ ڏياري کوڙ انسانن جي قتل جو سبب بڻجي ويندي آهي ۽ اها ئي زبان آهي جيڪا مٺا لفظ ڳالهائڻ سبب ڪيئي ماڻهن کي پاڻ ۾ ملائي ڇڏيندي آهي۔ ٽٽل دلين کي جوڙي ڇڏيندي آهي، اها ئي زبان ڀاءُ جي ناراضي جو سبب بڻجي ويندي آهي ۽ اها ئي زبان ڀائرن کي وقتِ موت تائين ملائي گڏ رکندي آهي۔ انهيء زبان جا مٺا ٻول آهن جيڪي سخت کان سخت دل کي نرم ڪندا آهن ۽ اها ئي زبان آهي جو جنهن مان نڪرندڙ جملا رب پاڪ کي ناراض ڪري ڇڏيندا آهن۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! زبان جو قفل مدينه لڳائڻ يعني پنهنجو پاڻ کي فضول ڳالهين کان بچائڻ ۾ ئي عافيت آهي۔ خاموشي جي عادت بڻائڻ جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ گفتگو لکي ڪري يا اشاري سان ڪرڻ بيحد مفيد آهي ۔
مَشْهور مفسرِ قرآن حڪيم الامت مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيه جي فرمان جو مفهوم آهي؛ جيڪو شخص زبان جو بي باڪ هجي، هر چڱي بري ڳالھ بنا ڊپ جي واتان ڪڍندو هجي سمجھي وٺو ان جي دل سخت آهي، ان ۾ حياء نه آهي۔ سختي اهو وڻ آهي جنهن جي جڙ انسان جي دل ۾ آهي ۽ ان جي شاخ دوزخ ۾ آهي اهڙي بي خوف انسان جو انجام اهو ٿيندو آهي جو اهو الله ۽ رسول صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ به بي ادب ٿي ڪافر ٿي ويندو آهي۔“ شيخِ طريقت، اميرِاهلسنّت، باني دعوتِ اسلامي حضرت علامه مولانا ابوبلال محمدالياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه فضول گوئي کان بچڻ جو ذهن ڏيندي نيڪ اعمال نمبر 46 ۾ فرمائن ٿا: ڇا اڄ اوهان زبان جو قفل مدينه لڳائيندي فضول گوئي کان بچڻ جي عادت بڻائڻ جي لاءِ ڪجھ نه ڪجھ اشاري سان ۽ گھٽ مان گھٽ چار ڀيرا لکي گفتگو ڪئي؟ [1]
2... حضرت سيدُنا سلمان فارسي رَضِىَ اللّٰه عَنْه حضرت سيدُنا عبدالله بن سَلَام رَضِىَ اللّٰه