Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

دُعائن جي قبوليت جي لاءِ 5 اهم راتيون

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! دُعا جي قبوليت ۾ 5 راتين کي وڏي اهميت حاصل آهي جيئن ته حضرت سيدُنا عبدُ الله بن عمررَضِىَ اللهُ عَنْهُمَا فرمائن ٿا: پنج (5) راتيون اهڙيون آهن جنهن ۾ دُعا رَد ناهي ڪئي ويندي: (1) جمعرات ۽ جمعي جي وچين رات (2) رجَب جي پهرين (يعني چنڊ) رات (3) پندرهن (15) شعبان جي رات (يعني شبِ براءَت) (4) عيدُالفطر جي (چنڊ) رات (5) عيدُالاَضحٰي جي (يعني ذُوالْحِجّه جي ڏهين) رات۔ (مصنف عبدالرزاق،کتاب الصیام،باب النصف من شعبان،4/246،حدیث: 7957۔لوامع الانوار، الباب الثالث فی اذکار۔۔۔الخ،الدعاء فی شہر رجب، ص 259بتقدم و تاخر)

یاالٰہی جو دعائے نیک میں تجھ سے کروں                  قدسیوں کے لب سے آمیں رَبنا کا ساتھ ہو

رَجب“ نالو رکڻ جو سبب

          حرمت وارن مهينن مان هڪ رجَبُ المرجّب به آهي جيڪو اسلامي سال جو ستون مهينو آهي۔ رجب اصل ۾ تَرْجِیْبٌ مان مشتق (نڪتو) آهي جنهن جي معني آهي تعظيم و تڪريم، رجب کي رَجَب ان ڪري چوندا آهن جو ان مهيني کي عظمت بخشي وئي آهي اهو ئي سبب آهي جو ان کي رَجَبُ المُرَجَّب (يعني اهو مهينو رجب جنهن جي تعظيم ڪئي وئي هجي۔) به چوندا آهن۔

علامه عبدالڪريم بن محمد رافعيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا ته رجب کي رجب چوڻ جو سبب اهو آهي جو عرب هن مهيني جي تمام گھڻي تعظيم ڪندا هئا ۽ هن ۾ جھيڙو جھٽو ڪرڻ حرام سمجھندا هئا۔ (التدوین فی اخبار القزوین ،1/165)

رجب جو هڪ نالو شهر اَصَم به آهي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فتاوي رضويه ۾ هن نالي جو سبب ڪجھ هيئن ارشاد فرمائن ٿا: هر مهينو پنهنجي هر واقعي جي شاهدي ڏيندو سواءِ رجب جي جيڪو حَسَنات (چڱايون) بيان ڪندو ۽ سيئات (برائين) جي ذڪر تي چوندو ته مان ٻوڙو هئس مون کي خبر ناهي، ان ڪري ان کي ”شهر اَصَم“ چوندا آهن۔ (فتاوی رضویہ،27/496)