Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
باري ۾ گفتگو ڪريون بهرحال توهان پنهنجو ۽ بنو صَبغاء جو (عبرت انگيز) واقعو بيان ڪريو۔ عياض واقعو ٻڌائيندي عرض ڪيو: اي اميرالمومنين! صَبغاء جا ڏھ (10) پٽ هئا ۽ مان انهن جو سوٽ هيس، منهنجي ڀائرن مان منهنجي علاوه ڪو ٻيو باقي ناهي رهيو۔ مان پنهنجي سوٽن جي پاڙي ۾ رهندو هئس، منهنجي سڄي قوم ۾ اهي ئي منهنجا سڀ کان وڌيڪ قريبي رشتيدار هئا۔ هو مون تي ظلم و ستم ڪندا هئا ۽ منهنجو مال ناحق کسي وٺندا هئا، مان انهن کي خدا جو خوف ڏياريندو هئس، رشتيداري ۽ پاڙيسري هئڻ جا واسطا ڏيندو هئس ته مون تي ظلم نه ڪيو پر اهي واسطا ڏيڻ به مون کي انهن جي ظُلم کان نه بچائي سگھيا، مون انهن کي سندن حالت تي ڇڏي ڏنو، ايستائين جو جڏهن حُرمت (يعني عظمت ۽ پاڪيزگي) وارو مهينو (رجب) (تاريخ ابن عساکر،45/ 81) آيو ته مون آسمان ڏانهن هٿ کڻي انهن جي لاءِ بد دُعا ڪئي:
”اي الله! مان سچي دل سان اها دعا گھران ٿو ته تون هڪ کان علاوه صبغاء جي سڀني پٽن کي هلاڪ فرمائي ڇڏ ۽ ان هڪ کي لنگڙو ۽ انڌو ڪري ڇڏ ۽ ڪو اهڙو شخص هجي جيڪو ان کي سختي سان گھليندو وتي۔“ پوءِ انهيء سال هڪ هڪ ٿي انهن مان 9 ڀاتي مري ويا ۽ اهو هڪ باقي بچيو هو جيڪو انڌو ٿي ويو، ان جون ٽنگون به مفلوج ٿي ويون، جيئن اوهان ڏسي رهيا آهيو ۽ ان کي کڻي ايندڙ ۽ ويندڙ سختي سان ان کي گھلي ڪري آڻيندو ۽ وٺي ويندو آهي اهو به اوهان ڏسي ئي ورتو۔ حضرت سيدُنا فاروقِ اعظمرَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايائون: بيشڪ اهو تمام ئي عجيب واقعو آهي۔ (کتاب البر و الصلۃ لابن جوزی،الباب الثلاثون فی ثواب صلۃ الرحم ۔۔۔الخ ،ص167)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! هن واقعي ۾ ٻين تي ظلم و ستم ڪرڻ وارن جي لاءِ عبرت ئي عبرت آهي، ماڻهن تي اجايو رُعب ڪرڻ ۽ پنهنجي قوّتِ بازو آزمائڻ وارن کي گھرجي ته مظلوم جي آھ کان ڊڄن، ڪنهن منصب مان ناجائز فائدو کڻي غريبن، ڪمزورن کي ڊيڄارڻ ڌمڪائڻ ۽ ظلم وستم ڪرڻ وارن جي لاءِ به اهو عبرت جو مقام آهي، ڇوته جڏهن مظلوم ظالم جي خلاف بارگاھ الٰهي