Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

مهينو خير ۽ ڀلائي جي ڪنجي آهي۔ حضرت سيدُنا ابوبڪر ورّاق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رجَبُ المرجّب (عبادت جو) ٻج پوکڻ جو مهينو آهي، شعبانُ المعظّم آب پاشي (پاڻي ڏيڻ يعني لڙڪن سان سيراب ڪرڻ) جو مهينو آهي ۽ رمضانُ المبارَڪ (رحمت جو) فصل ڪٽڻ جو مهينو  آهي۔ (معارف الانعام وفضل شھوروالایام،ص95۔لطائف المعارف، ص 138) لَطائفُ المَعارف ۾ آهي: رجب جو مهينو هوا جيان آهي، شعبان بادل جيان آهي ۽ رمضان برسات جيان آهي۔ هڪ بزرگ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: سال وڻ جيان آهي، رَجَبُ المرجّب ۾ ان جا پن نڪرندا آهن، شعبانُ المعظّم ۾ ٽاريون نڪرنديون آهن ۽ رمضانُ المبارڪ ۾ ميوا پٽيا ويندا آهن ۽ مسلمان ان جو ميوو پٽيندا آهن۔

          ان کان پوءِ پاڻ فڪرِ آخرت جو ذهن ڏيندي ارشاد فرمائن ٿا: جنهن گناهن سان اعمال نامو ڪارو ڪيو، اهو هن مهيني ۾ توبه ڪري وٺي ۽ اعمال نامي کي روشن ڪري، جنهن فضوليات ۾ عمر وڃائي اهو باقي عمر کي غنيمت سمجھي۔ (لطائف المعارف ، ص138)

          رجب جي مهيني ۾ عبادت جي ڪثرت ڪرڻ وارن تي الله پاڪ جو ڪيتري قدر فضل ۽ ڪرم ٿيندو آهي ان جو اندازو هن حڪايت مان لڳائي سگھجي ٿو، جيئن

رجب ۾ نيڪ عمل جي برڪت

          بَيتُ المقدس ۾ هڪ عورت رجَبُ المُرَجَّب جي هر ڏينهن ۾ ٻارهن هزار ڀيرا سورهءِ اخلاص (قُلْ ھُوَ اللّٰهُ اَحَد) پڙھندي هئي ۽ سڄي مهيني ۾ اُوني لباس پائيندي هئي۔ هڪ ڀيري اها بيمار ٿي وئي ته ان پنهنجي پٽ کي وصيت ڪئي ته مون کي انهيءَ اُوني لباس سميت دفن ڪيو وڃي۔ جڏهن اها مري وئي ته ان جي پٽ ان کي عمده ڪپڙن جو ڪفن پارايو، رات جو ان خواب ۾ پنهنجي والده کي ڏٺو ته اها چئي رهي هئي: مان تو کان خوش نه آهيان ڇوته تو منهنجي