Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

گنہگارو آؤ، سِیَہ کارو آؤ                                     گُناہوں کو دیگا چُھڑا مَدَنی ماحول

پِلا کر مَئے عشق دیگا بَنا یہ                 تمہیں عاشِقِ مُصْطَفٰے مَدَنی ماحول

(وسائلِ بخشش مُرمَّم،ص۶۴۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حُرمت وارا 4 مهينا

          واقعي رجَبُ المرجّب نهايت بابرڪت مهينو آهي۔ اهو حُرمت (يعني عظمت ۽ پاڪيزگي) وارن انهن 4 مهينن مان هڪ آهي جن جو شان ۽ عظمت قرآن و حديث ۾ بيان ڪيو ويو آهي۔ جيئن الله پاڪ جو ارشاد آهي:

اِنَّ عِدَّةَ الشُّهُوْرِ عِنْدَ اللّٰهِ اثْنَا عَشَرَ شَهْرًا فِیْ كِتٰبِ اللّٰهِ یَوْمَ خَلَقَ السَّمٰوٰتِ وَ الْاَرْضَ مِنْهَاۤ اَرْبَعَةٌ حُرُمٌؕ-ذٰلِكَ الدِّیْنُ الْقَیِّمُ ﳔ فَلَا تَظْلِمُوْا فِیْهِنَّ اَنْفُسَكُمْ (پ 10 التوبة 36)                                                                                                                                                                                                      ترجمو ڪنزالايمان: بيشڪ مهينن جي ڳڻپ الله جي ويجهو ٻارهن مهينا آهي الله جي ڪتاب ۾، جڏهن کان ان آسمان ۽ زمين بڻايا انهن مان چار حرمت وارا آهن، هي سڌو دين آهي ته هنن مهينن ۾ پنهنجي جان تي ظلم نه ڪريو

حُرمت وارن مهينن جا نالا

          حضرت سيدُنا ابو بَڪره رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا: نبي پاڪصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حجة الوَداع جي موقعي تي خطبو ڏنو، خطبي دوران ارشاد فرمايائون: زمانو پنهنجي انهيء هيئت تي گردش ڪري رهيو آهي جنهن تي زمين ۽ آسمان جي پيدائش ڪئي وئي هئي، سال ۾ 12 مهينا آهن جن مان 4 حُرمت وارا آهن، 3 لڳاتار ذُو القعده، ذُو الحجه ۽ محرّم ۽ مُضَر قبيلي  وارن جو رجب جيڪو جُمادَي الاُخري ۽ شعبان جي وچ ۾ آهي۔ (بخاری، کتاب بدء الخلق، باب ما جاء فی سبع ارضین،2/376، حـدیث:3197)

          هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ رجب کي ”قبيلهءِ مُضَر“ ڏانهن منسوب ڪرڻ