Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

الله تعاليٰ ان کي ان نهر مان سيراب فرمائيندو. (شعب الایمان،باب فی الصیام۔۔۔الخ،3/367 ،حدیث:3800۔التدوین فی اخبار القزوین، 1/165)

(2) مشهور تابعي بُزرگ حضرت سيدُنا ابو قِلابه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رَجَب جي روزي دارن جي لاءِ جنت ۾ هڪ محل آهي۔ (شعب الایمان،باب فی الصیام ۔۔۔الخ،3/368،حدیث:3802)

(3) عارِف بِالله شيخ  ضياءُ الدين عبدُالعزيز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مروي آهي ته جنهن رجب جا ست روزا رکيا ان جي لاءِ جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن ۽ جنهن ڏھ روزا رکيا اهو الله پاڪ کان جيڪو گھرندو آهي الله پاڪ ان کي عطا فرمائيندو آهي ۽ بيشڪ جنت ۾ هڪ محل آهي جنهن جي سامهون دنيا هڪ پکيءَ جي آکيري جيان آهي ان محل ۾ صرف رجب جا روزا رکڻ وارا ئي داخل ٿيندا۔ (طھارۃ القلوب ، الفصل الثانی عشر، ص 125)

          پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته رجب ۾ روزا رکڻ جو گھڻو اجر آهي۔ اسان کي گھرجي ته اسان به روزا رکي هن مهيني جون برڪتون ماڻيون، هن مهيني جي ايندي ئي وڌ کان وڌ روزا رکون، نه ته هر سومر ۽ جمعرات جو ته ضرور روزو رکون، جيڪڏهن اهو نه به ٿئي تڏهن به گھٽ ۾ گھٽ هر سومر شريف جو ته روزو رکي وٺون۔ زهي نصيب جو گھر ۾ اهڙو ماحول بڻجي وڃي جو سڀئي ڀاتي سحري ۾ اٿي رهيا هجن ۽ نمازِ تهجد پڙھي سحري ڪري رهيا هجن ۽ رجب جي نفلي روزن جون هر پاسي بهارون هجن۔

سحري اجتماعات جو انعقاد ڪريو!

          اَلْحَمْدُلله! عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ فرض روزا رکڻ، رکرائڻ جي ترغيب سان گڏوگڏ نفل روزن جي تحريڪ به هلائي ويندي آهي، جنهن جي برڪت سان سڄي دُنيا ۾ هزارين عاشقانِ رسول رجب ۽ شعبان جي مهيني ۾ اهتمام سان نفل روزا رکڻ جي سعادت حاصل ڪندا آهن۔ نفل روزا رکڻ وارن جي آساني جي لاءِ مختلف علائقن ۽ ڊويزنن ۾