Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
ڪجھ منٽ ئي سهي اِستِغْفار (اَسْتَغْفِرُالله) پڙھڻ جي لاءِ خاص ڪري وٺو۔ ان سان گڏوگڏ جيڪڏهن ممڪن هجي ته هن مبارڪ مهيني ۾ عمري جي به سعادت حاصل ڪريو، ڇوته صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سميت ڪيئي بزرگن جو معمول هو ته رجب جي مهيني ۾ عمرو ڪرڻ کي پسند ڪندا هئا۔
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! جهڙي طرح عام ڏينهن ۾ مسلمان فاتحه خواني ڪندا آهن ۽ پنهنجي مرحومين ۽ بزرگانِ دين رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡهم جي ايصالِ ثواب جي لاءِ مختلف طريقا اختيار ڪندا آهن، اهڙي طرح رجَبُ المرجب ۾ به ايصالِ ثواب جو اهتمام ڪيو ويندو آهي۔ ڪيئي عاشقانِ رسول حضرت سيدُنا امام جعفر صادق رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ايصالِ ثواب جي لاءِ کيرڻي ۽ مٺي ماني وغيره تي فاتحه خواني ڪندا آهن جن کي ڪونڊا چيو ويندو آهي، يقيناً انهن سڀني جي اصل ايصالِ ثواب آهي جيڪا احاديثِ مبارڪه مان ثابت آهي۔
حضرت سيدُنا سعد بن عُباده رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اُنهن حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يا رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! منهنجي ماءُ جو انتقال ٿي ويو آهي، اُن جي لاءِ ڪهڙو صدقو افضل آهي؟حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايائون: ’’پاڻي‘‘ پوءِ حضرت سعد رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ کوھ کوٽايو ۽ چيو ته اهو کوھ سعد جي ماءُ جي لاءِ آهي۔ )يعني ان جو ثواب ان جي روح کي ملي) (ابو داؤد،کتاب الزکاۃ،باب فی فضل سقی الماء،2/180،حدیث:1681)
حضرت علامه جلالُ الدين سيوطي شافعي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه نقل فرمائن ٿا ته صحابه ڪرام رَضِىَ اللّٰه عَنْهم ست (7) ڏينهن تائين انتقال ٿي ويندڙن جي طرفان کاڌو کارائيندا هئا۔ (الحاوی للفتاوی،کتاب الاضحیۃ،باب الشہادات،2/ 223)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو کاڌو کارائڻ جي ذريعي ايصالِ ثواب ڪرڻ سنتِ صحابه آهي ۽ رجب جي ڪونڊن ۾ به کاڌي ئي جي شيء هوندي آهي جيڪا ايصالِ ثواب جي لاءِ کارائي ويندي آهي۔