Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
کعبہ کے بَدرُ الدُّجی تم پہ کروروں درود
طیبہ کے شمسُ الضُّحی تم پہ کروروں درود
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ثواب حاصل ڪرڻ خاطر بيان ٻڌڻ کان پهريان سٺيون سٺيون نِيتون ڪري وٺون ٿا. فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: ”نِيَّةُ الۡمُؤۡمِنِ خَيۡرٌ مِّنۡ عَمَلِه“ يعني مسلمان جي نِيّت ان جي عمل کان بهتر آهي. (المعجم الڪبير،سهل بن الساعدي...الخ ج 6، ص 185، الحديث: 5942)
ٻه مدني گُل: (1) بغير سٺي نيّت جي ڪنهن به نيڪ عمل جو ثواب ناهي ملندو.
(2) جيتريون سٺيون نِيّتون وڌيڪ، اوترو ثواب به وڌيڪ.
٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندس ٭ صَـلُّـوا عَلَی الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـی الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ وارن جي دِل جوئي جي لاءِ بلند آواز سان جواب ڏيندس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندس۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اڄ جي بيان جو موضوع آهي ”رجب جو مهينو ڪيئن گذاريون؟ “ اڄ جي بيان ۾ اسان ٻڌنداسين ته هن مبارڪ مهيني کي ڪيئن گذاريو وڃي؟ دُعائن جي قبوليت جي لاءِ 5 اهم راتيون ڪهڙيون آهن؟ حُرمت