Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
سحري اجتماعات جو اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، جنهن جو باقاعده جدول(S٭hedule) ٿيندو آهي، عشاء جي نماز ۾ ئي اسلامي ڀائر گڏ ٿي ويندا آهن، نمازِ عشاء کان پوءِ مختصر بيان ۽ مسجد ۾ ئي رات اعتڪاف جي سعادت حاصل ڪندا آهن، پوءِ نمازِ تهجد کان هن جدول جو آغاز ٿيندو آهي، پوءِ مُناجات (دُعا) ۽ سحري جو سلسلو ٿيندو آهي، اذانِ فجر کان پوءِ صداءِ مدينه، نمازِ فجر کان پوءِ مدني حلقو، نمازِ اِشراق ۽ چاشت کان پوءِ صلٰوة وسلام تي هن جدول جو اختتام ٿيندو آهي۔ اي ڪاش! جو هن سال ذمه دارانِ دعوتِ اسلامي کان رابطو ڪري اسان به سحري اجتماعات ۾ شرڪت ڪرڻ ۽ نفل روزا رکڻ جي سعادت ماڻڻ ۾ ڪامياب ٿي سگھون۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
(3)استغفار جي ڪثرت ۽ عمري جي سعادت ماڻيو!
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رجب جون برڪتون ماڻڻ جو هڪ ذريعو اهو به آهي ته هن مبارڪ مهيني ۾ اِستِغفَار جي ڪثرت ڪئي وڃي۔ نيڪن جي سردار، مڪي مديني جي تاجدار صَلَّي اللّٰه عَلَيه واٰلِهٖ وَسَلَّم جو فرمان آهي رَجَب جي مهيني ۾ اِستِغْفار جي ڪثرت ڪريو۔ بيشڪ ان جي هر هر گھڙي ۾ الله ڪريم ڪيئي ٻانهن کي باھ کان نجات عطا فرمائيندو آهي۔ (مسند الفردوس، باب الالف، ذکر الاحادیث التی امر بہا النبی امتہ۔۔۔الخ، 1/81، حدیث:247)
حضرت سَيدُنا وَهب بن مُنَبِّه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جيڪو شخص رجَب جي مهيني ۾ صبح و شام هٿ کڻي ستّر (70) ڀيرا هن طرح مغفرت جي دُعا گھري: ”اَللّٰهمَّ اغْفِرْ لِي وَ ارْحَمْنِي وَ تُبْ عَلَيّ“ ترجمو: اي الله! منهنجي مغفرت فرماءِ، مون تي رحم فرماءِ ۽ منهنجي توبه قبول فرماءِ۔ ته ان جي جسم کي ڪڏهن به باھ نه ڇُهندي۔ (طھارۃ القلوب ،الفصل الثانی عشر فی التقوی، ص 126)
ان ڪري اِستِغْفار جي ڪثرت کي پنهنجو معمول بڻايو۔ ممڪن هجي ته