Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
حِڪايت بَيان فرمائن ٿا: حضرتِ سَيدُنا عيسيٰ رُوحُ الله عَلٰي نَبِينَا وَ عَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي دور جو واقعو آهي ته هڪ شخص ڪافي عرصي کان ڪنهن عورت تي عاشق هيو۔ هڪ ڀيري ان پنهنجي معشوقه کي قابو ڪيو۔ ماڻهن جي هلچل مان ان اندازو لڳايو ته ماڻهو چنڊ ڏسي رهيا آهن۔ ان عورت کان پُڇيو: ماڻهو ڪهڙي مهيني جو چنڊ ڏسي رهيا آهن؟ ان چيو: ”رجب جو“۔ اهو شخص جيتوڻيڪ ڪافر هيو پر رجب شريف جو نالو ٻُڌندي ئي تعظيم خاطر يڪدم الڳ ٿي ويو ۽ زنا کان مُڙي ويو۔ حضرتِ سيّدُنا عيسيٰ روح الله عَـلٰى نَبِـيِّـنَا وَ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام کي حڪم ٿيو ته اسان جي فلاڻي ٻانهي جي زيارت لاءِ وڃو۔ پاڻ عَـلَيْـهِ الـصَّلٰوة ُ وَالـسَّلَام تشريف کڻي ويا ۽ الله عَزَّوَجَلَّ جو حڪم ۽ پنهنجي تشريف آوريءَ جو سبب ارشاد فرمايائون۔ اهو ٻُڌندي ئي ان جي دل اسلام جي نور سان مُنور ٿي وئي ۽ ان يڪدم اسلام قبول ڪري ورتو۔ (فيضانِ سنّت جلد اوّل ،ص۱۳۵۵)
گناہوں سے مجھ کو بچا یاالٰہی بُری عادتیں بھی چُھڑا یاالٰہی
خطاؤں کو میری مِٹا یاالٰہی مجھے نیک خَصلت بنا یاالٰہی
مُطِیع اپنا مجھ کو بنا یاالٰہی سدا سنّتوں پر چلا یاالٰہی
تجھے واسِطہ سارے نبیوں کا مولیٰ مری بَخش دے ہر خطا یاالٰہی
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ڏٺو اوهان رجب جي بهار! رجَبُ المُرَجَّب جي تعظيم ڪري هڪ ڪافِر کي ايمان جي دولت نصيب ٿي وئي۔ ته جيڪو مسلمان رجَبُ الْمُرَجَّب جو احترام ڪندو ان کي خبر ناهي ڪهڙا ڪهڙا انعام ملندا۔ مسلمانن کي گھرجي ته رجَب شريف جو خوب احترام ڪن۔
اسان رجب جو مقدس مهينو ڪيئن گذاريون؟ اچو! هن باري ۾ اٺ(8)