Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
شيخ شِهابُ الدّين احمد بن حجازي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اها حديثِ پاڪ لکڻ کان پوءِ فرمائن ٿا: حرمت وارا ٽي مهينا (ذُو القعده، ذُو الحجه ۽ محرّم) ته لڳاتار آهن ۽ هڪ مهينو اڪيلو آهي جيڪو رجب آهي۔ صوفي سڳورا رَحِمَهمُ اللّٰه السَّلَام فرمائن ٿا: بيشڪ الله پاڪ اڪيلو آهي ته الله پاڪ جو مهينو به تنها آهي تنهنڪري الله پاڪ سان محبت ڪرڻ واري کي به گھرجي ته هو پنهنجي محبت تنها سان رکي ته جيئن دُنيا ۾ ان جي اندر ان اڪيلي(خدا) جي عبادت جي صلاحيت پيدا ٿئي ۽ آخرت ۾ خدا پاڪ جي ديدار جي قابليت پيدا ٿئي۔ (تحفۃ الاخوان ،ص 11 ،12)
عبادت میں،رِیاضت میں،تِلاوت میں لگا دے دِل
رجب کا واسطہ دیتا ہوں فرما دے کرم مولیٰ
12 مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم”مدني مذاڪرو “
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! رجب جي مهيني ۾ خوب عبادت ڪرڻ ۽ پنهنجي اندر نيڪين جو جذبو بيدار ڪرڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺو۔ 12 مدني ڪمن مان هڪ مَدَني ڪم ”هفته وار مدني مذاڪرو“ به آهي۔ هن مدني ڪم جا بيشُمار دِيني ۽ دُنيوي فائدا آهن۔ جيئن، ٭ مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت سان گناهن کان نفرت پيدا ٿيندي آهي۔ ٭ مَدَني مذاڪري سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مَدَني مذاڪري ۾ دِيني معلومات ملڻ سان گڏوگڏ اَخلاقي تربيت به ٿيندي آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان اُمّتِ مُسلمه جي خيرخواهي جو جذبو نصيب ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان عاشقانِ رسول جي صحبت نصيب ٿيندي آهي۔
اچو! نِيت ڪريون ٿا ته اسان به هر هفتي ”مَدَني مُذاڪرو“ ڏسڻ کي يقيني بڻائينداسين ۽ ٻين اسلامي ڀائرن کي به مَدَني مذاڪرو ڏسڻ جي دعوت ڏيندا