Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
جو سبب هيئن ٻڌايو ويو آهي: هڪ قول اهو آهي: قبيلهءِ مُضَر وارا رجَبُ المرجّب جي گھڻي عزّت و تعظيم ڪندا هئا۔ ٻيو قول اهو آهي: قبيلهءِ ربيعه وارا رمضانُ المبارڪ کي حرمت وارن مهينن ۾ شمار ڪندا هئا جڏهن ته قبيلهءِ مُضَر وارا رجبُ المرجّب کي حرمت وارو مهينو قرار ڏيندا هئا، ان ڪري نبي پاڪصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ان کي ”قبيلهءِ مُضَر وارن جو رجب“ نالو ڏنو۔ (لطائف المعارف، ص 132)
حرمت وارن مهينن ۾ گُناهن جي خصوصي ممانعت
حرمت وارن مهينن جي باري ۾ جيڪا آيت سڳوري ذڪر ڪئي وئي آهي ان جي حوالي سان تفسيرن ۾ آهي ته آيت سڳوري ۾ جيڪو ظلم کان منع ڪيو ويو آهي هن ظلم مان الله پاڪ جي نافرماني وارا ڪم ڪرڻ ۽ ان جي اطاعت وارا ڪم ڇڏي ڏيڻ مراد آهي ۔ (درمنثور،التوبۃ،تحت الآیۃ:36،4/187۔تفسیرطبری،التوبۃ،تحت الآیۃ:36،6/365، رقم:16710۔ تفسیر ابن ابی حاتم ،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 5/47،رقم :10344)
حضرت سيدُنا ابنِ عباس رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا ته الله پاڪ انهن 12 مهينن مان 4 مهينن کي خصوصيت عطا فرمائي ۽ ان جي حرمت کي عظمت بخشي ۽ انهن مهينن ۾ گُناھ کي وڏو گُناھ قرار ڏنو۔ (تفسیر ابن ابی حاتم،التوبۃ،تحت الآیۃ:36، 5/46، رقم:10337۔تفسیر طبری، التوبۃ، تحت الآیۃ: 36، 6/366، رقم :16711)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! معلوم ٿيو ته حرمت وارن مهينن ۾ گناھ ڪرڻ عظيم گناھ آهي. حرمت وارن مهينن ۾ رجب جو مهينو به شامل آهي ته اسان کي اُن ۾ به گناهن کان بچڻ گهرجي. اچو! هن مهيني جو احترام ڪرڻ ۽ ان ۾ گناهن کان بچڻ جي برڪتن تي مشتمل هڪ حڪايت ٻڌون ٿا.
جيئن اَمِيرِ اهلسنّت، حضرت علّامه محمد الياس عطّار قادري دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مايه ناز تاليف فيضانِ سُنّت (جلد اوّل) جي صَفحي 1355 تي هڪ