Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اسان کي به هن مهيني ۾ پنهنجي بزرگن، پنهنجي خاندان جي مرحومين ۽ سڄي اُمت جي لاءِ ايصالِ ثواب ڪرڻ گھرجي۔ الله پاڪ عمل جي توفيق عطا فرمائي۔
رجب جي پهرين رات عبادت ۾ گذاريون
رجب جي مهيني ۾ ڪئي ويندڙ ڪمن مان هڪ اهو به آهي ته جڏهن رجب جي پهرين رات اچي ته ان کي خاص ڪري عبادت ۾ گذارڻ جي ڪوشش ڪريون، نفل ۽ تلاوت جي ڪثرت ڪريون، درود وسلام پڙھون ۽ مدني چينل سان گڏ پهرين رات گذاريون۔
وڌيڪ هن مهيني ۾ ڇا ڇا ڪرڻ گھرجي، اچو! انهيء باري ۾ اَمِيرِ اهلسنّت حضرت ِ علّامه محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي رجب المرجب جي حوالي سان مڪتوب جو خلاصو ٻڌون ٿا:
اَميرِاهلسنت دَامَتْ بَـرَڪاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: منهنجي طرفان، تمام اسلامي ڀائرن، اسلامي ڀينرن، مدارس المدينه ۽ جامعاتُ المدينه جي اساتذه ، طَلَبه، معلمات ۽ طالبات جي خدمات ۾ ڪعبهءِ مُشَـرّفه جي چوڌاري گھمندو، گنبذ خضريٰ کي چمندو رَجَبُ المُرَجب، شَعبانُ المُعَظم ۽ رمضانُ المُبارڪ جي برڪتن سان مالا مال جهومندو سلام،
اَلسَّلامُ عَلَیکم وَرَحمَة اللّٰه وَ بَرَکٰتُه
اَلْحَمْدُ لِلّٰه رَبِّ العٰلَمِينَ عَلٰي کلِّ حَالٍ