Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

Book Name:Rajab Ka Mahena Kesy Guzarain

جيئري ۽ مرڻ کان بعد به) زڪوٰة، فطرو، قرباني جون کلون ۽ ٻيا عطيات جمع ڪرڻ ۾ اڳتي وڌي ڪري حصو وٺندا ڪريو. (اسلامي ڀينرون ٻين اسلامي ڀينرن ۽ مَحارِم کي ترغيب ڏيارين) خدا جو قسم! مون کي انهن استادن ۽ شاگردن جي باري ۾ ٻڌي ڪري تمام گھڻي خوشي ٿيندي آهي جيڪي پنهنجي ڳوٺ يا شهر ۾ وڃڻ جي خواهش کي قربان ڪري رمضان المبارڪ جو مهينو جامعات ۾ گذاريندا آهن ۽ پنهنجي مَجلس جي هدايتن جي مطابق چندي جي بستن تي ذميداريون سنڀاليندا آهن. الله پاڪ اسان کي عمل جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين

اجتماعِ خواجه غريب نواز ۾ شرڪت جي نيت

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! امير اهلسنت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي مڪتوب جو خلاصو اسان ٻڌو الله ڪري ته اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي هنن اِرشادن جي مطابق اسان به ڪجھ نه ڪجھ نفل روزا رکڻ جي سعادت ماڻيون، مدني عطيات (چندو/فنڊ) گڏ ڪرڻ جي لاءِ خوب ڪوشش ڪرڻ وارن ۾ شامل ٿي وڃون۔

           اَلْحَمْدُللّٰه رجب شريف جي 6 تاريخ تي خواجهءِ خاجگان، سلطانُ الهند حضرت خواجه معين الدين چشتي اجميري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ڇٽي شريف ملهائي ويندي آهي ۽ اَلحَمدُلله! دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ سڄي دنيا ۾ اهتمام سان هن موقعي تي خواجه غريب نواز رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي اِيصالِ ثواب جي لاءِ قرآن خواني، مدني قافلن ۾ سفر ۽ محفلِ نعت جو اِنعقاد ڪيو ويندو آهي، جنهن کي اسان "اجتماعِ خواجه غريب نواز" به چوندا آهن۔ هن ۾ شرڪت جي نيت ڪريو۔ ستاويهين (27) رجب جو به دعوتِ اسلامي جي تحت اجتماعِ معراج ۾ شرڪت جي به نه صرف پاڻ نيت ڪريو بلڪ ٻين کي به شرڪت جي دعوت ڏيو ۽ هر گھڙي دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول سان وابسته رهو۔

قرآن ٽيچر ايپ جو تعارف